قاضي احمد ۾ اغوا ڄاڻايل ناري ثناء جي آزادي لاءِ وارثن ۽ شهرين جو ڌرڻو

0
14

قاضي احمد ۾ 8 مهينا اڳ اغوا ڄاڻايل ناري ثناءَ راهو جي بازيابيءَ لاءِ وارثن ۽ شهرين جي ريلي ۽ ڌرڻو، ڌرڻي ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن جي به شرڪت

 لطيف پارڪ کان ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪرڻ بعد پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، ناري جي بازيابي جا نعرا هنيا ويا

وارثن چيو ته اسان جي نياڻي کي نصر لنڊ ۽ ضمير لنڊ اغوا ڪيو آهي، موبائل لوڪيشن هٿ ڪري ڏيڻ ۽ احتجاج بعد پوليس جوابدار گرفتار ڪيا،

وارثن چيو ته نياڻيءَ کي بازياب ڪرائڻ بدران پوليس جوابدارن کي مهمان بڻائي ويهاريو آهي، ثنا راهو کي فوري بازياب ڪرائڻ جي اپيل ڪئي وئي