قاضي احمد ( ن پ ا) قاضي احمد جي ڳوٺ رسول بخش کوسو جي رھواسي جان محمد چانڊيو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته منهنجو وڏو ڀاءُ ذوالفقار علي چانڊيو گذريل 20 ڏينهن کان پنهنجي زال سميت گم آهي، ڀاءُ جي شادي ڪراچي مان اجنبي عورت ثناءَ سان ٿيل آهي، 20 ڏينهن کان ڀاءُ گهرواري سميت گم آهي،  ٿاڻي تي رپورٽ پڻ داخل ڪرائي آهي، نوٽيس وٺي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.