قاضي احمد (ن پ ا) يارنھن ڏينھن اڳ قاضي احمد لڳ ڳوٺ شير علي کوسو جي قتل ٿيل امام بخش کوسو جي وارثن محمد جمن کوسو، محمد اسحاق کوسو، الهه بخش کوسو معصوم ٻارڙن ڌڻي بخش کوسو، ميان بخش کوسو سميت ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار آفيس اڳيان مک جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاھرو ڪيو ۽ ڳالھائيندي چيو ته 11 ڏينھن اڳ اسان جي ھمراھ امام بخش کوسو کي جوابدارن علي حسن کوسو، نظير کوسو، منٺار کوسو، باقر کوسو ۽ عزيز کوسو بيگناهه گوليون ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا،جن مان پوليس صرف 2 جوابدار باقر کوسو ۽ عزيز کوسو کي گرفتار ڪيو آھي باقي مک جوابدارن کي اڃا تائين گرفتار نه ڪيو ويو آھي جيڪي اسان کي موتمارڌمڪيون ڏئي رھيا آھن ۽ پوليس ساڻن ٻٽ بڻيل آهي. ھنن وس وارن کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته امام بخش کوسو جا مک قاتل جلد گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي ۽ اسان کي انصاف ۽ تحفظ فراھم ڪيو وڃي.