قاضي احمد: اغوا ٿيل ناري جي بازيابي لاءِ ٿاڻي اڳيان احتجاج

0
36
قاضي احمد: اغوا ٿيل ناري جي بازيابي لاءِ ٿاڻي اڳيان احتجاج
قاضي احمد: اغوا ٿيل ناري جي بازيابي لاءِ ٿاڻي اڳيان احتجاج

قاضي احمد (رپورٽر) قاضي احمد ۾اغوا ٿيل ناري جي بازيابي لاءِ ٿاڻي اڳيان احتجاج، قاضي احمد ۾ 8 مهينا اڳ مبينا اغوا ٿيل  شادي شده ناري جي وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي ٽئين ڏينهن به ٿاڻي اڳيان احتجاج جاري رکيو ويو

 ڳوٺ هاشم راهو جي رهواسين عورتن ۽ ٻارڙن سميت ٿاڻي اڳيان مرڻ گهڙي تائين واري بک هڙتالي قائم ڪري ورتي، بک هڙتالي ڪيمپ تي ويٺل مغوي ناريءَ جي ماءُ روئي روئي  بي حال ٿي وئي

مظاهرين جو چوڻ هو ته گهوٽڪي واسي جوابدار ضمير لنڊ، نصير  ۽ محبوب سهتو هٿيارن جي زور تي شهر  مان ثناءَ راهو کي اغوا ڪري ويا آهن

ناري جي والد چيو ته سردار خالد لنڊ جي ماڻهن نياڻي کي اغوا ڪيو آهي، ڪيس داخل هئڻ باوجود پوليس 8 مهينن کان جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي، نياڻي کي آزاد ڪرايو وڃي