ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: امتياز مڱريو )ٽنڊي محمد خان ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين سيد قاسم نويد ٻيهر خاص معاون ٿيڻ بعد ضلعي چيئرميني تان استعيفا ڏئي ڇڏي، ان سلسلي ۾ سيد قاسم نويد پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته پارٽي پاران مون کي هڪ دفعو ٻيهر سنڌ حڪومت ۾ شامل ڪيو ويو آهي ،جنهن تي آئون پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو جو ٿورائتو آهيان ، مون کي ٽنڊو محمد خان ضلعي ڪائونسل جي چيئرميني به پارٽي ڏني هئي، آئون  ضلعي چيئرمين شپ لاءِ رولز تي عمل ڪندس، ٻئي پاسي ٽنڊو محمد خان ضلعي ڪائونسل جي امڪاني چيئرمين شپ لاءِ 3 نالا گردش هيٺ آهن، جن ۾ اڳوڻي ايم اين اي نواب غني ٽالپر جو فرزند ازمير ٽالپر ، ضلعي ڪائونسل جو اڳوڻو چيئرمين سيد محمد سعيد ذيشان شاھ ۽ پير عاقب جان سرهندي شامل آهن.