ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت 10 اسپيشل اسسٽنٽ ( خاص معاون ) ۽ وڌيڪ 6 ترجمان مقرر ڪري ڇڏيا، ان حوالي سان وڏي وزير جي منظوري کانپوءِ  چيف سيڪريٽري نوان اسپيشل اسسٽنٽ ۽ ترجمان مقرر ڪرڻ بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب  پ پ منارٽي ونگ جي صدر ڊاڪٽر  لال چند اڪراڻي، سرفراز راڄڙ، سيد قاسم نويد قمر، پ پ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سيد وقار مهدي، اڳوڻي ايم پي اي راجوير سنگھه سوڍو، سپاف اڳواڻ منصور شاهاڻي، لياري واسي عثمان غني يعقوب هنڱورو، حيدرآباد جي اڳوڻي تعلقي ناظم عبدالجبار خان، ميرپورخاص جي اڳوڻي ڊپٽي ميئر  جنيد بُلند ۽  ملير مان چنڊيل ايم پي اي محمد سليم بلوچ کي اسپيشل اسٽنٽ مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سکر سان تعلق رکندڙ  ارسلان اسلام شيخ، سرمد پليجو(سسئي پيلجو جو ڀاءُ)، عبدالواحد هاليپوٽو (بدين ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين  جو فرزند)، پ پ ايم پي اي  مخدوم فخر الزمان، محمد علي راشد ۽ سعديه جاويد کي ترجمان مقرر ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب ۽ اڳوڻو ايم پي اي گهنور اسراڻ اڳ ۾ سنڌ سرڪار جي ترجمان مقرر ٿيل آهي