حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ قاسم آباد جي اڳوڻي مختيارڪار ماجد خاصخيلي جي ملازم واري قتل ڪيس مان گرفتاري کان اڳ واري عبوري ضمانت لاءِ ڏنل درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. مهينو اڳ سندس ملازم عثمان سومري جو فارم هائوس مان گولي لڳل لاش مليو هو. نوجوان جي والد پٽ جي قتل جو ڪيس مختيارڪار ماجد خاصخيلي ۽ سندس ڀاءُ واجد خاصخيلي خلاف داخل ڪرايو. مختيارڪار ڪيس ۾ گرفتار ٿيڻ جي خوف کان ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ فرسٽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد احسان خان دراني جي عدالت مان 2 لک رپين جي مچلڪن عيوض گرفتاري کان اڳ واري عبوري ضمانت ڪرائي هئي. جيڪا ڪجه ڏينهن اڳ رد ٿيڻ بعد هن گذريل ڏينهن وڪيلن معرفت عبوري ضمانت لاءِ عدالت سان رجوع ڪيو. واضح رهي ته ڄاڻايل ڪيس ۾ مختيار ڪار جو ڀاءُ واجد خاصخيلي به اڃا تائين روپوش آهي، مهينو اڳ نسيم نگر ٿاڻي جي حد سومرا ڳوٺ مان مختيارڪار ماجد خاصخيلي جي فارم هائوس مان سندس ملازم عثمان سومرو جو گولي لڳل لاش هٿ آيو جنهن بعد نوجوان جي وارثن مبينا طور فارم هائوس تي ڪاهه ڪري مختيارڪار ۽ سندس ڀاءُ کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو. پوليس نوجوان جي قتل جو ڪيس ٻنهي ڀائرن خلاف داخل ڪيو هو.