نئون ديرو(ن پ ا) پاڪستان جي پهرين چونڊيل وزير اعظم قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 43 هين ورسي اڄ 4 اپريل تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ سندس آخري آرامگاهه تي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي. رمضان المبارڪ هجڻ ڪري پارٽي قيادت پاران ورسي تقريبون ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو. جڏهن ته پ پ ضلعي لاڙڪاڻي پاران 43 هين ورسي جي تقريب ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ افطار جي وقت رکي وئي آهي. جتي ضلعي کان پيپلز پارٽي ۽ ذيلي تنظيمن جا عهديدار ۽ چونڊيل نمائندا توڙي جيالا ورڪر شرڪت ڪندا جڏهن ته پنجوديرو باءِ پاس کان ڳڙهي خدابخش ڀٽو تائين پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو شاندار استقبال ڪيو ويندو جنهن بعد کيس قافلي جي صورت ۾ ڳڙهي خدابخش ڀٽو آندو ويندو جتي پ پ چيئرمين قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن حاضري ڀري فاتحه خواني ڪرڻ بعد ڪارڪنن جي ميڙ کي خطاب ڪندو. جڏهن ته ورسي جي موقعي تي پارٽي جا جيالا ورڪر شهيد قائد کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ مزار تي پهچي حاضريون ڀريندا.