فڪري بحث جا معيار ۽ طريقا

0
237

ڪجهه وقت اڳ ۾ سماجواد رسالي ۾ “سنڌ جي جديد قومپرستي جو بانيڪار: شهيد الله بخش سومرو” جي عنوان سان ڇپيل مضمون سان هڪڙو سياسي بحث شروع ٿيو. دنيا ڄاڻي ٿي ۽ دوست دشمن تسليم ڪن ٿا ته سنڌ جي جديد قومپرستي جو باني جي ايم سيد آهي. مضمون ۾ ڏنل مواد جي اهميت جو اندازو ان هڪڙي جملي مان ڪري سگهجي ٿو ته “اهو هڪ مفروضو آهي ته سنڌ جي جديدقومپرستي جو باني جي ايم سيد آهي”. اها به سڀ ڪنهن کي خبر آهي ته رسالي جو ۽ مضمون نگار جو تعلق ڪهڙي پارٽي سان آهي؟ ان لحاظ کان قومي تحريڪ طرفان جواب اچڻ منطقي طور لازمي هو، جيڪو مون ڏنو. افسوس ته جلد ئي اهو سياسي بحث ذاتي ڪردار ڪشي ۽ هڪڙي مهم ۾ تبديل ٿي ويو. هاڻي اهو ته سياسي بحث جي الف بي ڄاڻندڙ کي به اندازو آهي ته جڏهن توهان جي ايم سيد جي پائي جي شخصيت جي اڌ صدي جي سياست جي بنيادن کي چئلينج ڪريو ٿا ته لازمي طور توهان جي لياقت ۽ اهليت بابب سوال ته اٿندا. ان کي همراهن پنهنجي گهٽتائي سمجهي يا شايد اهڙي موٽ لاءِ ذهني طور تيار نه هئا، سو بحث ۾ اٿاريل نقطن تي ڳالهائڻ بجاءَ ذاتيات تي لهي آيا.
اهڙي صورتحال ۾ اسان پنهنجي طرفان بحث کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن جو اظهار اسان جي ساٿي خالد جوڻيجي طرفان سوشل ميڊيا تي رکيل بيان ۾ ٿئي پيو. ان کانپوءِ عوامي ورڪرز پارٽي طرفان جاويد راڄپر جو هڪ ڊگهو مضمون ڇپيو، ان ۾ ڪافي ڳالهيون درستگي جون گهرجائو هيون، پر اسان جواب نه ڏنو. وري يونس راهو جو اڃان به ڊگهو مضمون ڇپيو، جنهن کي مضمون جي بجاءِ هڪڙو ليڪچر يا واعظ يا نصيحت نامو چئجي ته وڌيڪ درست ٿيندو. ان تي به اسان خاموش رهيا سين. هاڻي وري 21 آگسٽ جي “پنهنجي اخبار” ۾ نجي چنا جي نالي سان مضمون ڇپيو آهي جيئن ته اهو مضمون انهي پارٽي جي ترجماني ڪندي لکيو ويو آهي (ان جو اندازو وري پارٽي جو موقف مڙهڻ مان ڪري سگهجي ٿو ) جنهن ڪري ان کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته پارٽي جو موقف پارٽي جي قيادت جي آشيرواد کانسواءِ نٿو اچي سگهي، ٻيو سبب هن مضمون لکڻ جو اهو آهي ته سنڌ جي سڄاڻ ۽ محب وطن ماڻهن آڏو ڳالهيون رکجن ڇاڪاڻ ته اڳي پوءِ اسان انهن ڏانهن جوابده آهيون.
جناب شفقت قادري جي جديد قومپرستي بابت مضمون جي مکيه نقطن جا حوالا (Quote) ڏيئي مون انهن جو جواب ڏنو. ان جي موٽ ۾ عوامي ورڪرز پارٽي جي دوستن طرفان سوشل ميڊيا تي ڪيل سوين تنقيدن تبصرن ۾ منهنجي مضمون جي هڪ به نقطي جو حوالو ڏئي جواب نه ڏنو ويو ۽ نه ئي سندن پارٽي ليڊرن بابت نشاندهي ڪيل ڳالهين مان ڪنهن هڪ جي به ترديد ڪيائون. اهو اعتراض ضرور ڪيائون ته شفقت قادري جو سندن پارٽي سان واسطو ڪونهي ته پوءِ سندن پارٽي جو نالو ڇو ورتو ويو؟ (اها ٻي ڳالهه آهي ته اڳتي هلي پاڻ ئي چيائون ته جناب قادري سندن پارٽي جو دانشور آهي).
ٿورن ڏيهن کانپوءِ دانشور ۽ ڪالم نگار عاصم سجاد اختر جو افغان پناهگيرن بابت ڪالم انگريزي اخبار ڊان ۾ ڇپيو. افغان پناهگيرن جي امڪاني آمد جي حوالي سان سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري جي خطرن جي بنياد تي مون ان ڪالم جا به حوالا ڏئي تنقيدي جائزو پيش ڪيو (اهو ئي سياسي بحث جو لينني طريقو آهي). ان ڪالم جو ۽ ان جي جواب جو قومپرستي واري بحث سان ڪو تعلق نه هو ۽ نه ئي ان ۾ ڪنهن پارٽي جو ذڪر هو، بس آخر ۾مون اهو لکيو هو ته سنڌ ۾ موجود ليکڪ جا حمايتي ۽ همدرد پنهنجي راءِ ڏين ته اهي ليکڪ جي موقف سان ڪيترو متفق آهن؟ حيرت انگيز طور تي انهي پارٽي جي دوستن اڳي جي ڀيٽ ۾ صفا ابتڙ موقف اختيار ڪيو. مون ته ليکڪ کي پنجاب جو دانشور چئي جواب ڏنو هو، پر هنن همراهن چيو ته اهو اسان جي پارٽي تي حملو آهي. ان کي جديد قومپرستي واري بحث سان ڳنڍيندي همراهن ڪردار ڪشي جي مهم کي اڃان وڌيڪ تيز ڪيو. ان مان اهو نتيجو نڪري سگهي ٿو ته افغان پناهگيرن جي آمد ۽ سنڌ جي گادي ڪراچي ۾ انهن جي آبادڪاري بابت انهي پارٽي جا دوست، ليکڪ جي موقف کي پنهنجو يعني پارٽي جو موقف سمجهن ٿا.
نجي چنا جي نالي سان لکيل مضمون به ان ئي مهم جو تسلسل آهي ان ۾ ڪيتريون ڳالهيون ته ورجاءَ آهن. بهرحال ڪجهه نقطن کي کڻي انهن جو جائزو ان لاءِ وٺون ٿا ته جيئن سنڌ جي ماڻهن کي ان ايڏي ڊگهي بحث جي بنيادن ۽ معيار بابت اندازو ٿي سگهي.
مثال طور لکيو ويو آهي ته “بي بنياد ڳالهين کي کڻي سڄي پارٽي کي سواليا نشان بڻايو ويو” اتي سوال آهي ته اهي ڪهڙيون بي بنياد ڳالهيون آهن، اهي ڪيئن بي بنياد آهن ۽ انهن سان سڄي پارٽي ڪيئن سواليا نشان بڻائي وئي؟ انهن سوالن جو ڪو جواب ڪونهي مڪمل خاموشي ساڳي طرح ٻئي هنڌ لکيو ويو آهي ته “عاصم سجاد جي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو”. او خدا جا نيڪ بندئو اهو ته ٻڌايو ته ان بيان کي ڪيئن ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو. ماڻهن کي ٻڌايو ته عاصم سجاد هي لفظ لکيا هئا پر خالق جوڻيجي انهن کي ٽوڙي مروڙي هينئن پيش ڪيو، ان تي به خاموشي باقي پروپئگينڊا، الزام تراشي ۽ ڪردار ڪشي تي زور جام آهي .
اڳتي هلي پاڻ کي مظلوم ثابت ڪرڻ خاطر منهنجي طرفان جديد قومپرستي واري بحث ۾ اٿاريل نقطن جو حوالو ڏنو ويو آهي. اهي جيئن جو تيئن هتي پيش ڪجن ٿا.( ياد رهي ته اهي نقطا جي ايم سيد کي ٻين سياستدانن سان گڏ انگريزن جو حمايتي سڏڻ جي جواب ۾ اٿاريا ويا هئا)
1.توهان جي پارٽي جو سربراهه فانوس گجرصاحب، گجر ذات جي ڪنوينشن جي صدارت ٿو ڪري، جنهن ۾ جماعت اسلامي جا عهديدار گجر به اسٽيج تي ويٺل آهن پوءِ به توهان جي سياست عين انقلابي.
2.توهان ته هڪ ئي وقت نسلي تنظيمن جي حمايت به ڪريو ٿا ۽ پاڻ کي مارڪسسٽ به چوايو ٿا.
3. هڪ ئي وقت مذهبي بنياد پرستن سان اتحاد به ڪريو ٿا ۽ انقلابي به سڏايو ٿا. 4.توهان جي پارٽي جي اسٽيج تي ته اهي به ڳالهيون ٿين ٿيون ته ملڪ جي سڀني مسئلن جو حل شريعت جي نفاذ ۾ آهي.
مون بلڪل اهي ڳالهيون لکيون آهن هاڻي توهان انهن جي ترديد ڪريو، چئو ته اهي غلط آهن. اٽڪل مهيني کان منهنجي خلاف ڪردار ڪشي ۾ ته مصرو ف آهيو پر انهن نقطن جي ترديد نه ڪئي اٿو ته پوءِ اها بي بنياد پروپئگينڊا ڪيئن ٿي؟
هڪ ٻيو اعتراض اهو آهي ته “جڏهن سندن پارٽي رياستي جبر جو نشانو آهي (سينگار نوناري جو کنڀجڻ ) ان وقت انهي کي اول نمبر دشمن ڪري ڇو پيش ڪيو ويو آهي.” اول ته اهو عظيم ڪوڙ آهي، مون ڪٿي به عوامي ورڪرز پارٽي کي اول نمبر دشمن نه چيو آهي. ٻي ڳالهه ته توهان جو هڪڙو ساٿي کڄي ويو افسوس جي ڳالهه آهي پر جي ايم سيد جي تحريڪ سان لاڳاپيل درجنين يا شايد سوين ڪارڪن گذريل ٻن ڏهاڪن کان کنڀيا پيا وڃن ۽ انهن مان ڪيترا قتل ڪيا ويا آهن پوءِ اهڙي وقت ۾ توهان کي جي ايم سيد جي جديد قومپرستي ۾ ادا ڪيل ڪردار کي سواليا نشان بنائيندڙ ليک لکڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي؟ سو به اهڙي وقت ۾ جڏهن جيئي سنڌ محاذ ۽ عوامي ورڪرز پارٽي هڪ ٻئي جون اتحادي آهن ڇا اتحاد ايئن هلندا آهن؟
دوستن جي فڪري بحث جو معيار اهو آهي ته گهٽي ۾ ٿيندڙ جهيڙي وانگر طعنا ڏيندي چون ٿا ته “اختلاف آهي ته پُوءِ اسان جي پروگرامن ۾ شريڪ ڇو ٿا ٿيو” يا اهو ته “سنڌ پروگريسو ڪميٽي ۾ ڇو گڏ ويٺا آهيو” جهڙو ڪري SPC انهن جي ملڪيت هجي. مان کين صلاح ڏيندس ته ڳالهائڻ ۽ لکڻ کان پهرين ٿوري خبر چار وٺن ته سنڌ پروگريسو ڪميٽي سميت ويجهي ماضي ۾ وجود وٺندڙ اتحادن جي ٺاهڻ ۽ انهن کي هلائڻ ۾ منهنجو ڪيترو ۽ ڪهڙو ڪردار آهي ۽ ٻين جو ڪيترو؟ توهان ايترو ذاتيات تي لهي آيا آهيو ته مان رڳو ايترو ٿو چوان ته نه رڳو اتحاد پر خود عوامي ورڪرز پارٽي جي اندروني اختلافن کي گهٽائڻ ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو اهو به ٿوري خبر رکجو. في الحال مان وڌيڪ ڪجهه ڪو نه ٿو چوان.
مون پنهنجي مضمون جي آخر ۾ لکيو هو ته “ڪميونسٽن ۽ قومپرستن کي هڪ ٻئي جو حريف نه پر حليف هجڻ گهرجي. ان ڏس ۾ عوامي ورڪرز پارٽي ۾ مجموعي طور ۽ ان جي سنڌ قيادت مان خاص طور مثبت ڪردار جي اميد رکون ٿا”، ان تي به همراهن کي اعتراض آهي ته جيڪڏهن اختلاف آهن يا تنقيد ڪجي ٿي ته پوءِ مثبت اميد ڇو ٿي رکجي؟ هاڻي هنن کي ڪير سمجهائي ته اتحاد ٿيندو انهن سان آهي جن جي وچ ۾ ڪجهه اتفاق هوندا آهن ۽ ڪجهه اختلاف.
ذڪر هيٺ مضمون جي آخر ۾ چيو ويو آهي ته “قومپرستن کي پاڻ وڻائڻ جي نتيجي ۾ ايترو اڳتي به نه نڪري وڃو جو توهان جي بين الاقواميت پسندي ۽ مارڪسزم کي پنهنجي ڪرڻ واري دعويٰ سواليا نشان بڻجي وڃي.” مان اهو ڪو نه ٿو چوان ته اهي همراهه ڪنهن کي پاڻ وڻائڻ خاطر سنڌ ۾ افغانين سميت ڌاري آبادڪاري جي حمايت ٿا ڪن باقي اها خبر مونکي هاڻي ٿي پوي ته مارڪسزم ۽ بين الاقواميت جا سرٽيفڪيٽ انهن کان وٺڻا پوندا. مان کين گذارش ڪندس ته ٻين کي سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ کان پهرين پاڻ کي ته بين الا قوامي سطح تي ڪميونسٽ تسليم ڪرايو.
آخر ۾ مان سموري بحث جي شروعاتي نقطي تي ٿو اچان، دوستن کي سمجهڻ گهرجي ته فڪري بحث جي نالي ۾ ٻين جي سياست ۽ قيادت تي تنقيد ٿيندي ته پوءِ سندن ليڊر به تنقيدي جائزي جي دائري ۾ ضرور ايندا. شايد هي دوست سمجهن ٿا ته سندن پارٽي ۽ سندن قيادت ان ڪري تنقيد کان مٿاهين آهي جو انهن سان ڪميونسٽ جو لقب لڳل آهي يا لڳائين ٿا.