دوحا(اسپورٽس نيوز) فٽبال ورلڊ ڪپ هلندڙ سال نومبر ڊسمبر ۾ قطر ۾ ٿي رهيو آهي جنهن ۾ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. فيفا اعلان ڪيو آهي ته اي آءِ ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪندڙ ڪيميرائيون فٽبال ورلڊڪپ 2022ع استعمال ڪيون وينديون جيڪي ريفري کي اهو فيصلو ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪنديون ته ڪو رانديگر آف سائيڊ آهي يا نه. اهو سسٽم بال ۾ لڳايو ويندو جيڪو هر سيڪنڊ ۾ 500 ڀيرا فيلڊ پوزيشن کان آگاهه ڪندو. ائين 12 ٽريڪنگ ڪيميرائون اسٽيڊيم جي ڇت تي لڳايون وينديون جيڪي رانديگرن جي جسمن کي 29 جاين تان ٽريڪ ڪنديون. اها ڊيٽا هڪ سافٽ ويئر گڏ ڪري رانديگر جي آف سائيڊ ٿيڻ تي الرٽ جاري ڪندو.