اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ننڍين ۽ وچولين  صنعتن کي قرضن جي فراهمي ۾ اضافو ڪرڻ بابت سفارشون تيار، ناڻي صلاحڪار ڀاڻ صنعت کي ملڪ اندر هارين کي يوريا مناسب قيمت تي فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي، تفصيل موجب ڪالهه ناڻي صلاحڪار شوڪت ترين جي صدارت ۾ ننڍين ۽ وچولين صنعتن (ايس ايم ايز) بابت تيار ڪيل پاليسي جي جائزي لاءِ اجلاس ٿيو، صنعت پيداوار جي وفاقي وزير خسرو بختيار، ايف بي آر چيئرمين، گورنر اسٽيٽ بينڪ،  سميڊا جي سي اي او ۽ ٻين شرڪت ڪئي، صنعت پيداوار جي وفاقي سيڪريٽري تيار ڪيل ايس ايم ايز پاليسي، ريگيوليٽري  ۽ ٽيڪسن جي ماحول بابت بريفنگ ڏني، ناڻي صلاحڪار شوڪت ترين جو چوڻ هو ته پاڪستان جي معاشي ۽ سماجي ترقي ۾ ايس ايم ايز جي اهميت آهي، ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن جي ترقي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي حڪومت خواهشمند آهي، ناڻي صلاحڪار سميڊا کي مڪمل طور تي فعال بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو، ٻئي طرف ناڻي صلاحڪار شوڪت ترين جي صدارت ۾ ڀاڻ جي صنعت بابت به اجلاس ٿيو، ڀاڻ صنعت سان تعلق رکندڙ وفد ناڻي صلاحڪار کي مسئلن کان آگاهه ڪيو، ناڻي صلاحڪار وفد کي ترجيحي بنيادن تي مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته ڀاڻ فيڪٽريون هارين کي به مناسب قيمت تي يوريا فراهم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن.