فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج ۾ تيل جي قيمتون ۾ واڌ خلاف ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جي سگهه کان محروم شهرين فاروق شر، عبداللطيف، غلام حيدر سومرو، ذوالفقار شر ۽ ٻين  هٿن ۾ عام واهپي واريون مختلف شيون کنڊ، چانھه، سبزيون، مرچ مسالا،  گيهه سميت ٻيون شيون هٿن ۾ کڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ان موقعي تي گونگن ۽  ٻوڙن نوجوانن هٿن جي عمران خان حڪومت تي تنقيد ڪندي هٿن جي اشارن سان ٻڌايو ته وفاقي حڪومت تيل مهانگو ڪيو، جنهن سان هر عام واهپي واري هر شيءِ مهانگي ٿي وئي آهي. هنن جو چوڻ هو ته کنڊ، اٽو، گيھه، سبزيون، کير، چانھه سميت ڪابه شي خريد نٿا ڪري سگهون. حڪومت اسان جهڙن معذورن جي  سار نٿي لهي. گونگن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کنيل هئا جن تي مهانگائي ۽حڪومت خلاف نعرا درج ٿيل هئا. احتجاج ۾ درياخان مري، ڀرياروڊ، ٺاروشاهه سميت مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ گونگن شرڪت ڪئي. هنن مطالبو ڪيو ته تيل سميت سموريون شين جي اگهن تي ڪنٽرول ڪري عام ماڻهن کي رليف ڏنو وڃي.