فيض گنج ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ، آبادگارن جي بک هڙتال، عورتون به شريڪ

0
136
فيض گنج ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ، آبادگارن جي بک هڙتال، عورتون به شريڪ
فيض گنج ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ، آبادگارن جي بک هڙتال، عورتون به شريڪ

فيض گنج  (ن پ ا) فيض گنج تعلقي جي چئين واهن فيض گنج واهه، علي نواز واهه، ويهون واهه ۽ پندرهون واهه ۽ انهن مان نڪرندڙ شاخن دلور شاخ، امن مائينر ۽ ٻين شاخن ۾ زرعي پاڻي جي شديد کوٽ خلاف آبادگار اتحاد پاران ايريگشن آفيس اڳيان قائم ڪيل علامتي بک هڙتالي ڪئمپ تي تعلقي جي تاريخ ۾ پهرين ڀيرو وڏي انگ ۾ عورتون پاڻي کوٽ خلاف گهران نڪري بک هڙتالي ڪئمپ تي پهچي آبادگارن جي حمايت ۾ بک هڙتال ڪئي

ان موقعي تي آبادگار اتحاد اڳواڻ غلام مصطفيٰ بگهڙ، حسنين مهدي بگهڙ، عبدالرحيم بگهڙ، فرحانه خاتون، ڪشور خاتون، پيرسن صفوران خاتون ۽ٻين ڳالهائيندي چيو ته پڇڙي وارن علائقن ۾ زرعي پاڻي جي شديد کوٽ هجڻ ڪري آبادگار ڪڻڪ سرنهن سميت ڪوبه فصل پوکي نه سگهيا آهن ايريگشن عملدار بااثرن کي پئيسن سان پاڻي وڪرو ڪري ڏئي رهيا آهن

ان موقعي تي ٽن ڏينهن بعد آبپاشي اي سي سکر اشفاق نوح ميمڻ، انجئير آبپاشي ايس ڊي اي فيض گنج علي نواز ڀٽي بک هڙتالي ڪئمپ تي پهچي آبادگارن سان ڳالهيون ڪيون، جنهن دوران آبادگارن پاران پڇڙي ۾ لاڳتو چئين واهن ۽شاخن ۾َ5جنوري تائين پاڻي ڏيڻ واهن جي کاٽي ڪرائڻ ڪنهن به آبادگار تي ڪيس داخل نه ڪرائڻ  (اڄ) شام چار وڳي تائين پڇڙي ۾ پاڻي پهچائي ڏيڻ وارا لکت ۾ مطالبا پيش ڪيا

جيڪي آبپاشي اي سي آبادگارن جا سمورا مطالبا منظور ڪندي آبادگارن کي يقين ڏياريو ته اوهان جا سمورا مطالبو منظور ڪرڻ سان گڏ سڀاڻي اڄ تائين واهن ۽شاخن جي پڇڙي تائين پاڻي پهچايو ويندو، مطالبو منظور ٿيڻ بعد ٽن ڏينهن کان جاري علامتي بک هڙتال آبادگارن ختم ڪري ڇڏي آهي