اسلام آباد (بيورو رپورٽ) فيض آباد ڌرڻو ڪميشن شهباز شريف کي بيان قلمبند ڪرائڻ لاءِ 3 جنوري تي طلب ڪري ورتو، ذريعن موجب شهباز شريف کي پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير طور ڪميشن پاران طلب ڪيو ويو آهي، فيض آباد ڌرڻي جي انڪوائري ڪميشن کي 22 جنوري تي سپريم ڪورٽ آڏو پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائڻي آهي، ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان ۽ اڳوڻي وزير احسن اقبال کي به طلب ڪيو هو، ڪميشن پاران اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد کي به طلب ڪيو ويو هو، فيض حميد طلبي باوجود ڪميشن آڏو پيش نه ٿيو، فيض حميد کي پيش ٿيڻ لاءِ ٻيو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي، ٽي ايل پي جي فيض آباد وٽ لڳايل ڌرڻي وقت پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف هو، سپريم ڪورٽ ڌرڻي ڪيس ۾ عدالتي فيصلي تي عملدرآمد ۽ ذميوارن جي تعين لاءِ ڪميشن جوڙي هئي.