اسلام آباد: پ پ پ اڳواڻ قادر مندو خيل  فيصل واوڊا جي نااهلي بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ٿيڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوآهي ته فيصل واوڊا جيڪڏهن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ کان پهريان ٻٽي شهريت ڇڏي ها ته ڪيس نه پئي ٺهيو پر هن ٻٽي شهريت بعد ۾ ڇڏي آهي، هن چيوته اڄ جيڪو اليڪشن ڪميشن ۾ حلفي بيان جمع ڪرايو آهي، اهو غلط ثابت ٿيو ته پنهنجي قومي اسيمبلي جي سيٽ ڇڏي ڏيندس، اليڪشن ڪميشن ساڍن 3 سالن کانپوءِ ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو آهي، اميد آهي ته اڄ فيصل واوڊا نااهل ٿي ويندو ۽ سندس سينيٽ جي سيٽ به پيپلز پارٽي کي ملندي.