فيصل آباد (م ڊ) فيصل آباد ۾ ٻن عورتن  جي ويڙهه کير پياڪ ٻار کي ابدي ننڊ سمهاري ڇڏيو. اهو افسوس ناڪ واقعو فيصل آباد جي علائقي گيدڙي ۾ پيش آيو، جتي ٻن عورتن جي ويڙهه معصوم کان زندگي کسي ڇڏي. پوليس موجب ٻن عورتن ۾ جهيڙو ٿيو، لفظي جنگ وڌي وئي ۽ عورتون هٿين پئجي ويون. هڪ عورت پراڻي ڪاوڙ ڪڍڻ لاءِ مائٽياڻي تي حملو ڪيو ته ڌڪي سان ٻي عورت جو پٽ زمين تي ڪِري فوت ٿي ويو. پوليس ٻڌايو ته اطلاع تي پهچي جوابدار عورت کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ٻار جو لاش اسپتال منتقل ڪري ضابطي جي ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب واقعي جي حوالي سان گهر ڀاتين ۽ ٻين کان تفصيل ورتا آهن ۽ شروعاتي بيانن ۽ شاهدين جي روشني ۾ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.