فوج ۽ عمران خان ۾ ٺاهه ۾ ناڪامي جا کوڙ ڪارڻ هئا: صدر

0
247
فوج ۽ عمران خان ۾ ٺاهه ۾ ناڪامي جا کوڙ ڪارڻ هئا: صدرعارف علوي
فوج ۽ عمران خان ۾ ٺاهه ۾ ناڪامي جا کوڙ ڪارڻ هئا: صدرعارف علوي

اسلام آباد: صدرعارف علوي چيو آهي ته  فوج ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين وچ ۾ ٺاهه ۾ ناڪامي جا کوڙ ڪارڻ هئا

پي ٽي آءِ چيئرمين جي چونڊن ۾ شموليت جو فيصلو عدالت ۾ آهي، اِن ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته 8 فيبروري تي ئي عام چونڊون ٿينديون

امريڪي خابرو اداري کي انٽرويو ۾ صدر چيو ته عام چونڊن جي تاريخ ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪئي آهي

هن چيو ته عدليه، انتظاميا ۽ سياسي اڳواڻ وقت سر چونڊن تي متفق آهن، نواز شريف وزيراعظم چونڊيو ته حلف جي گهرج پوري ڪندس، سياستدان، اسٽيبلشمينٽ ۽ انتظاميا گڏجي ڪم ڪن ته مسئلا حل ٿي سگهن ٿا