اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ جيل ٽرائل خلاف فواد چوڌري جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، ٻڌڻي دوران عورت وڪيل کي هيسائڻ تي عدالت جيل انتظاميا کي به نوٽيس جاري ڪيا، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ثمن رفعت امتياز ڪيس جي ٻڌڻي هلائي، فواد چوڌري طرفان وڪيل فيصل چوڌري عدالت آڏو پيش ٿيو، عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي جواب طلب ڪري ورتو.  فواد چوڌري جي ڀاءُ فيصل چوڌري چيو ته اسان جيل ٽرائل لاءِ اُتي ويندا آھيون ته تلاشي ورتي ويندي آهي،گذريل ٻڌڻي تي اسان جي وڪيل جھان خان ايڊووڪيٽ  کي جيل انتظاميا پاران حراسان ڪيو ويو.