ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستاني فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪار فواد خان ۽ اداڪارا صنم سعيد جي ڀارتي ويب سيريز برزخ جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي. ويب سيريز ”برزخ“ کي پاڪستاني هدايتڪار عاصم عباس ڊائريڪٽ ۽ ڀارتي اسٽريمنگ ويب سائيٽ زي فائيو پروڊيوس ڪيو آهي. انهي سيريز ۾ هڪ 76 سالن جي شخص کي ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو پنهنجي ٻار ۽ پوٽن پوٽين کي اها ڳالهه ٻڌائي حيران ڪري ڇڏيندو آهي ته هو پنهنجي سچي محبت جي جن سان شادي ڪري رهيو آهي. ڪراڙي شخص جي حيران ڪندڙ اهڙي اعلان مان جذباتي انڪشاف ۽ ڇڪتاڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي. ويب سيريز جي رڪارڊنگ ڪراچيءَ ۽ پاڪستان جي مشهور سياحتي هنڌ هنزا ۾ ڪئي وئي آهي. ڪاسٽ ۾ فواد خان، صنم سعيد، فائزا گيلاني، ايمان سليمان، خوشحال خان، انيقا ذوالفقار علي، سلمان شاهد ۽ فرانڪو گوئسٽ سميت ٻيا اداڪار شامل آهن.