ڪراچي ( م ڊ ) جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر فهميده مرزا جا مخصوص سيٽ تان به نامزدگي فارم رد ٿي ويا آهن، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي عمير خان فارم منظور ٿي ويا، ن ليگ جي صدر شهباز شريف جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري چئلينج ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ شهباز شريف جا ڪراچي مان نامزدگي ڪاغذ منظور ڪرڻ وارو فيصلو چئلينج ڪيو ويو آهي. اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 242 تان نامزدگي ڪاغذ منظور ڪرڻ جو فيصلو اليڪشن ٽربيونل ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اليڪشن ٽربيونل شهباز شريف جي تڪ اين اي 242 تان نامزدگي ڪاعذن جي منظوري خلاف پ پ اميدوار مسعود خان مندوخيل اپيل داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ريٽرننگ آفيسر منهنجا اعتراض رد ڪري ڇڏيا آهن. اپيل ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ريٽرننگ آفيسر جلدبازي ۾ قانوني گهرجن کي نظر انداز ڪري شهباز شريف جا نامزدگي ڪاغز منظور ڪيا آهن، ريٽرننگ آفيسر جو 29 هين ڊسمبر وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.   نواز شريف جي نامزدگي ڪاغذن منظوري خلاف اپيل تي ريٽرننگ آفيسر کي طلب ڪيو ويو آهي. هاءِ ڪورٽ جي عام چونڊن بابت جوڙيل اپيليٽ ٽربيونل ۾ ن ليگ قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي قومي اسيمبلي جي تڪ 130 تان نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف داخل اپيل تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ٽربيونل ريٽرننگ آفيسر کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو. اپيليٽ ٽربيونل جي جج رسال حسن سيد اپيل تي رجسٽرار آفيس جو اعتراض ختم ڪندي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف اپيل تي ريٽرننگ آفيسر کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو.  اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ وفاقي وزير فهميدا مرزا جا مخصوص سيٽ تي نامزدگي ڪاغذ رد ڪري کيس نااهل قرار ڏئي ڇڏيو. صوبائي اليڪشن ڪميشن لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي فهميدا مرزا جا مخصوص سيٽ تي نامزدگي ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا ۽ کيس اليڪشن لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ موقف اختيار ڪيو ته فهميدا مرزا جي ڪمپني باقيدار آهي، فهميدا مرزا ذاتي طور باقيدار ناهي. اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته فهميدا مرزا تي آئين جو آرٽيڪل 63 ون اين لاڳو ٿئي ٿو. واضح رهي ته فهميدا مرزا جي ٻه ملين رُپين جي باقيدار هئڻ جو اعت…