لاڙڪاڻو (رپورٽ:نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ويجهو خيرپورو جوسو ۾ گذريل سال 4 نومبر جي ڏينهن پلاٽ جي معاملي تان سيال ۽  اسراڻ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو هو، جتي سرعام فائرنگ جي نتيجي ۾ عورت فهميده سيال قتل ۽ نوجوان عامر توڙي ٻيا زخمي ٿي پيا هئا، اهڙي ڪيس جي ٻڌڻي لاڙڪاڻي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ٿي، جتي عدالت ڪيس ۾ گهربل روپوش جوابدار پ پ ايم پي اي گهنور خان اسراڻ جي پيءُ ڊاڪٽر شهيد اسراڻ ۽ مامي نديم طرفان پيش نه ٿيڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٻنهي جوابدارن جي گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، عدالت پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته ڪيس ۾ گهربل اشتهاري جوابدارن ڊاڪٽر شهيد اسراڻ ۽ نديم اسراڻ کي گرفتار ڪري 27 جنوري تائين عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، ان حوالي سان ڪيس جي فريادي تقي سيال  ٻڌايو ته خبر ناهي ته پوليس ڇو بيوس آهي، جوابدار ڪراچي ۾ پنهنجي بنگلن تي آزادي سان زندگي گذاري رهيا آهن. هن چيو ته فهميده سيال قتل ڪيس ۾ پوليس جوابدارن جو ساٿ ڏنو، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.