فلسطين ۽ فائربندي

0
457

ڪالهه رات کان اسرائيل ۽ حماس ۾ فائربندي ٿي آهي، جنهن کي غلط طور جنگ بندي ٿا چون، جنگ هوندي آهي ٻن ملڪن جي، هي هڪ رياست جي حملي جي جواب ۾ هڪ تنظيم جي مزاحمت هئي. اسرائيل جي ارهه زورائي تي حماس ( حرڪت مڪاومت اسلاميه) حسب حال جواب ڏئي رهي هئي. جيتوڻيڪ حماس غزا جي انتظامي اٿارٽي آهي پر خود اسرائيل جي اڳيان ٻار جهڙي اٿارٽي آهي، انهي جي مزاحمت ان فلسطيني ٻار جهڙي مزاحمت آهي جنهن جي هٿ ۾ پٿر آهي ۽ هو فوجين جي دوبدو آهي. سمجهيو پٿرن جي چُٽ ڪندي ڪندي هڪ معصوم ٻار جوان ٿي ويو آهي ۽ هن جي جواني جو نالو حماس آهي.
غزا اسرائيل جي مقابلي ۾ ملڪ اڳيان شهر ۽ شهر جي مقابلي ۾ محلي ۽ محلي ۾ هڪ گهر جهڙي آهي. نه طاقت جو توازن، نه وسيلن جي هڪجهڙائي، ڄڻ ته همت ڪري هاٿي سان ڪول اٽڪندي آهي، آڻ نه مڃيندي آهي، ڀانيو غلامي تي موت کي ترجيح ڏيندي آهي. جيئن فلسطين جي نوجوانن کي پنهنجي جواني تي رحم نه ايندو آهي ۽ اسان کي هنن تي پيار مان ڪاوڙ ايندي آهي. ايئن ئي فلسطين جو قابض رياست تي غصو ۽ غم گڏجي “حماس” ٿي ويو آهي. هن کي پنهنجي وجود تي ترس نٿو اچي هاڻي هي ان کي قرباني جي شيءَ ٿو سمجهي ، آزادي تي وجود جي قرباني جيڪا سُتي وقت ڏکي لڳندي آهي پر جاڳئي کانپوءِ ڏاڍي آسان لڳندي آهي. قومن ۾ جڏهن آزادي جي امنگ جاڳندي آهي ته قوم چوندي آهي.
هي جيءَ جُسو جاگير
هاڻي ملڪ هوت جي!
(لطيف)
اهو الائي ڪائون دفعو آهي. ڳڻڻ وارا ڳڻي ٿڪا هوندا ته اسرائيل فلسطين والاري ڌرتي ڌڻين کي هيسائڻ لاءِ حملو ڪيو. مقصد انهي مزاحمت جو انت آڻڻ آهي جيڪا قابض رياست کي مقبوضه علائقي ۾ سڪون ۽ عزت سان رهڻ نٿي ڏئي. دنيا جي ظالم طاقتن جي انهي دلبر رياست کي دنيا جي ٻي ڪا ڪمي ڪانهي سواءِ سڪون جي! ۽ اهو سڪون ان فلسطين ڦٽايو آهي، ڇاڪاڻ جو هن فلسطينين جو وطن ڦٽايو آهي، گهر کسيو آهي ڪنهن جو گهر کسي انهي گهر ۾ سڪون سان سمهي ڪيئن ٿو سگهجي. طاقت جي باوجود به اها بدمعاشي نٿي ڦٻي، اڃان به وٺڻ جو ڏيڻو پئجي ٿو وڃي، اهو ڪو اسرائيل کان پڇي ۽ ٻيو هندستان کان پڇي. ڪنهن جي آزادي ۽ وطن کسي ڇا نه ڏيڻو ٿو پوي!!
آزادي وٺڻ جي ته قيمت آهي ئي پر آزادي کسڻ جي به گهٽ قيمت ناهي. جنون کي سڪون نه هوندو آهي. ظالم به مظلوم جي موچڙي ۾ رهندو آهي، اڳرائي به اگرا نتيجا ڏسي ٿي قاتل به قتل ٿيندو آهي،استاد بخاري چواڻي.
بعضي بندوق شڪاري جي ڇٽي ٿي پوئتي
جو ڦٽي ٿو ،سو ڪڏهن پاڻ به ڦٽجي ٿو وڃي
هر دور جي ظالم کي مظلوم جي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو آهي. سڪون ڪڏهن هن کي نصيب ئي ناهي ٿيندو. اهو ئي سبب آهي ته 11 ڏينهن جي رياستي دهشتگري اسرائيل کي 12 اسرائيلين جي قتل جي قيمت ۾ پئي آهي، اهو ته حساب ئي اجايو آهي ٿيندو ته هن 250 فلسطيني ماريا ۽ پنهنجو نقصان ٿورو ٿيس.
حملي ۾ هميشه وڌيڪ نقصان ٿيندو آهي، مزاحمت سان ايترو ناهي ٿيندو. اهو ليکو اتي ڪبو آهي، جڏهن دوبدو برابر جون قوتون هجن ۽ طاقت هڪجهڙي هجي، اڻبرابري جي ويڙهه ۾ داد همت کي ملندو آهي، تعريف حوصلي جي ٿيندي آهي، ڪاميابي مظلوم جي ليکي ويندي آهي. انهي جارجيت ۾ اسرائيل وڃايو آهي، حماس کٽيو آهي.
هميشه جيان هن ڀيري واري حملي ۽ مزاحمت ۾ دنيا جون رياستي طاقتون اسرائيل جي ڀر ٿي بيٺيون هيون مگر دنيا جو عوامي ضمير فلسطيني سان هو. ساري دنيا جي انسانيت مظاهرا ڪيا، بدمعاشي روڪرائڻ جا مطالبا ڪيا، ايتري قدر جو اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل کي به چوڻو پيو ته اسرائيل فلسطينين جا ٻار ۽ عورتون ماري رهيو آهي، انهي تي خاموش نٿو رهي سگهجي. پر هو هڪ بيوس اداري جو سربراهه آهي. ادارو اسرائيل جي ڀر ٿي بيٺل طاقتن جي ڪنٽرول ۾ آهي، انهي ڪري ايڪشن کڻڻ جي پوزيشن ۾ ناهي،رڳو اپيلون ئي هن جي ڪارڪردگي ۾ رهجي ويون آهي. سلامتي ڪائونسل، سلامتي واري فرض نڀائڻ ۾ ناڪام رهي. فائر بندي وري به رياستي راڄوڻين جي نتيجي ۾ ٿي. مصر ٽياڪڙي ڪري ايترو ڪيو. جيتوڻيڪ مصر جي اها ٽياڪڙي ان جي فرض جو متبادل آهي. ڪرڻي هن کي پنهنجي ايماني ۽ قومي برادر ملڪ جي مدد هئي، فلسطينين سان هن جو قومي وجود وارو رشتو آهي پر جيئن ته ملڪن تي مطلب ۽ مصلحتن وارن سربراهن جون حڪومتون آهن، جن ۾ ضمير ۽ قومي غيرت نالي ڪجهه نٿو هجي. انهي ڪري ٽياڪڙي به هنن جي چڱي ڪم ۾ شامل سمجهي سگهجي ٿي. اتي عالمي ادارو هميشه جيئن هيل به ڏاڍو ڏٺو ٿيو آهي صرف اهو ٿيو آهي ته هڪ ظلم انهي فورم تي ڊسڪس ٿيو آهي. دنيا جي سربراهن رسمي موقف پيش ڪيو آهي. انهي سان به اسرائيل تي اخلاقي دٻاءُ پيو ۽ هو فائر بندي تي راضي ٿيو.
ليڪن اهو راضي ٿيڻ عارضي به ٿي سگهي ٿو. جنون کي وري ججڪي اچي سگهي ٿي. طاقت کي ڪا تميز نه ٿيندي آهي. طاقت وقتي توازن وري وڃائي سگهي ٿي. اهو موقعو حماس جي ڪاميابي واري دعويٰ پئدا ڪري سگهي ٿي. ظالم کي مظلوم جو روئڻ وڻندو آهي هن کي مظلوم جو اطمينان شرمندو ۽ مسڪرائڻ ڇتو ڪندو آهي. فلسطيني دنيا جي واحد قوم آهي جيڪا آزادي جو فرض ادا ڪرڻ جي احساس سان پنهنجي تباهي جو به جشن ملهائيندي آهي. نقصان کي ليکي ۾ نه آڻيندي ڪالهه به غزا ۾ انهي احساس ۾ جشن هو، جيڪو لطيف سائين جي لفظن ۾ .
ڀڳو آئون نه چوان، ماريو تان وسهان
ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونهان
تان پڻ لڄ مران، جي هئنس پٺ ۾
توڙي جو غزا هن ڀيري به ڀورا ڀورا ٿي ڀُريو آهي ان جو انفرا اسٽرڪچر ٽڪرا ٽڪرا ٿي ٽُٽو آهي اسڪول، اسپتالون عمارتون، روڊ کنڊر بڻجي ويا آهن. 250 فلسطيني شهيد ٿيا آهن، انهن ۾ 66 ته رڳو ٻار آهن. 72 هزار ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، پوءِ به گهر گهر اها خوشي آهي ته جهڪيا ناهيون، وڙهيا آهيون، اهو ٿيندو آهي آزادي جو جذبو، اها ٿيندي آهي مزاحمت!!