فريدآباد(ن پ ا)  فريدآباد ويجهو ڪاڇي جي 200 جريب زمين تي ٻن ڌرين عبدالخالق لاشاري ۽ محمد علي کھاوڙ جي مالڪي  واري مامري تان  تڪرار هلندڙ آهي، ڳوٺ ولي محمد رند جي پورھيتن نذير احمد رند، غلام نبي تيوڻو، ضمير تيوڻو،نذير تيوڻو، جمعوخان  رند، اڪبر رند سردار رند، ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ڪاڇي ۾ 200  جريب زرعي زمين تي 20 سالن کان اسان ھڪ مڻ جي ڪڻتي تي آبادي ڪندا اچون ٿا ھن سال به  اسان ڪڻڪ جي آبادي ڪئي آهي ۽ ھرسال ڪڻتي جو ان عبدالخالق لاشاري کي ڏيندا پيا اچون پر ھن سال محمد علي کھاوڙ ۽ ٻين عبدالخالق لاشاري سان زمين جي مالڪي جي دعوي ڪئي آهي جنهن تان اسان کي 4 مھينن کان ٻارين ۾ ٿريشر نٿو ھڻڻ ڏنو وڃي. ڪڻڪ جون ٻاريون جھنگ ۾ پيل ھجڻ ڪري چوپايو مال ڪڻڪ کائي رھيو آھي ۽ ان سڪي سڙي خراب ٿي رھيو آھي.ھنن لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ڪڻڪ ۾ ٿريشر ھڻائي زمينداري وارو ان امانت طور رکرائي اسان کي پنهنجي حصي جو ان ڏياري انصاف فراهم ڪيو وڃي.