فريدآباد (ن پ ا) فريدآباد واسي جبري طور کنڀي گُم ڪيل رياض خاصخيلي ۽ ظفر چانڊيو جي آزاديءَ لاءِ سندن وارثن ۽ شهرين ڪنوينر حاجي خان خاصخيلي، مير نواب، عبدالرحمان خاصخيلي،عارف عمر، عباس تيوڻو، اعجاز علي فقير نثار، سجاد ڪرٽيو، علي گل تيوڻو، ذاڪر چانڊيو ۽ ٻين 114 ھين ڏينھن به علامتي بک هڙتال جاري رکندي دانهيندي چيو ته اسان جي نوجوانن رياض حسين خاصخيلي ۽ ظفر چانڊيو کي بيگناهه کنڀي گم ڪيو ويو آهي، احتجاج باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نوجوانن کي آزاد ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.