فريدآباد (ن پ ا) فريدآباد ويجھو ڳوٺ وڏي بيتل جي ٻوڏ متاثر ڳوٺاڻن کي سرڪار پاران اعلانيل گهر نه ملي سگهيا، متاثر کليل آسمان هيٺ ٽينٽ ۾ زندگيءَ گذارڻ تي مجبور،ڳوٺ وڏي بيتل رهواسين محمد جمن چانڊيو، مٺڻ چانڊيو علي گوهر چانڊيو، احسان چانڊيو رجب چانڊيو عظيما، شريفان چڱي، عزيزان چانڊيو صوف خاصخيلي، صدام خاصخيلي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ٻوڏ سبب اسان جا گهر ڊهي پيا، بي گهر آهيون، سرڪار پاران اعلانيل گهر نه ملي سگهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي واهر ڪئي وڃي.