فريدآباد (ن پ ا) فريدآباد ويجهو ڳوٺ ڳاڙهي ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين جمعدار علي گوھر ۽ بشير چانڊيو وچ ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران ڏنڊا، لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ڌرين جا 2 نوجوان ارشاد چانڊيو ۽ سراج چانڊيو سخت زخمي ٿي پيا، جھيڙي دوران ٻين ماڻهن وچ ۾ پئي جهيڙو ٽاريو، جنهن بعد زخمين کي وارث اسپتال کڻائي ويا، ٻي طرف پوليس ٻنهي ڌرين جون اين سيون داخل ڪري ڇڏيون آهن.