ڪراچي (م ڊ) ايف آءِ اي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته فرح يا سندس مڙس جو نالو اي سي ايل ۾ شامل نه هو، ڪنهن کي الزامن جي بنياد تي ٻاهر وڃڻ کان نٿو روڪي سگهجي. واضح رهي ته نواز ليگ ۽ پ پ اڳواڻن فرح خان تي ٽرانسفر، پوسٽنگ ۽ ٻين معاملن ۾ پئسا وٺڻ جو الزام هنيو هو، ذريعن موجب فرح خان جو نالو فرحت شهزادي آهي، جيڪا 3 اپريل جي صبح جو پرڏيهه رواني ٿي. ذريعن جو چوڻ آهي ته فرح خان جو مڙس احسن جميل 31 مارچ تي آمريڪا روانو ٿيو هو.