خيرپور (رپورٽر) راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ تشدد سبب فوت ٿي ويل ٻارڙي فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار حنا شاهه طرفان دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ضمانت لاءِ ڏنل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ان موقعي تي عدالت جي جج پوليس کان فاطمه ڦرڙو جي فوتگي وارا سي سي ٽي وي فوٽيج طلب ڪري ورتا، عدالت ۾ ڪيس جا فريادي نينگري جا والدين نديم ڦرڙو ۽ شبنم ڦرڙو پڻ پيش ٿيا، ڪيس جي فريادي نديم ڦرڙو صحافين کي ٻڌايو ته شاهدن جا بيان تبديل ڪرڻ لاءِ پيرن طرفان کين هراسان ڪيو پيو وڃي ۽ نينگرين کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته جوابدار اسد شاهه جي والده پريس ڪانفرنس ڪندي انڪشاف ڪيو هو ته فياض شاهه ٻارڙيون اغوا ڪرائيندو آهي ۽ انهن سان زنا ڪئي ويندي آهي، ھن چيو ته نينگري فاطمه ڦرڙو جي قبر ڪشائي بعد لاش جا جزا وٺي ليبارٽري اماڻيا ويا، جنهن بعد رپورٽ مان اهو واضح ٿيو ته اسان جي معصوم نياڻي سان زيادتي ڪئي وئي آهي، جنهن بعد هاءِ ڪورٽ ٽن مهينن ۾ ڪيس اڪلائڻ جا حڪم جاري ڪيا پر هڪ سال گذري چڪو آهي هر هفتي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي رهي آهي، اسان مسڪين ماڻهو آهيون، حاضرين تي نٿا اچي سگهون، ھن چيو ته فاطمه ڦرڙو جي فوتگي وقت سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ هڪ نينگري آهي جيڪا مسلسل غائب آهي جنهن کي خبر ناهي ڪٿي گم ڪيو ويو آهي يا کيس قتل ڪيو ويو آهي، ان نينگري کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ سندس بيان ورتو وڃي، ھن چيو ته واقعي کي سال گذري چڪو آهي پر پوليس جوابدار اسد شاهه جي موبائل فون ۽ ليپ ٽاپ جو پن ڪوڊ هٿ نه ڪري سگهي آهي، جنهن مان پوليس جي بدنيتي ظاهر ٿئي ٿي، ھن چيو ته پيرن نياڻي فاطمه ڦرڙو کي قتل وقت پهريل ڪپڙا پڻ لڪائي ڇڏيا آهن، کين خوف آهي ته ڪپڙن جي ڊي اين اي ٿيندي ته پيرن جون اصل حقيقتون سامهون اچي وينديون، ھن چيو ته پ پ ايم اين اي پير فضل شاهه فاطما ڦرڙو قتل ڪيس تي اثرانداز ٿي رهيا آهن، ھوڏانھن فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس جي وڪيل صفدر ڪناسرو صحافين کي ٻڌايو ته ڪيس جي آئندهه ٻڌڻي 29 جون تي ٿيندي، عدالت جو جج تبديل ٿيڻ سبب ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي آهي، ھن ٻڌايو ته عدالت سڳوري جي جج فاطم جي فوتگي وارا فوٽيج گهري ورتا آهن هو پاڻ ڏسڻ چاهي ٿو ۽ مشاهدو ڪرڻ چاهي ٿو.