راڻيپور (ن پ ا)  فاطمه قتل ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت منتقل: اڳوڻي ايس ايچ او سميت 4 جوابدار بيگناهه قرار، ان ڏس ۾  فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس جو مک جوابدار پير اسد شاھ ۽ ڊسپينسر امتياز ميراسي کي هڪ ڏينهن جي رمانڊ بعد عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ڪيس جي آءِ  او ايس ايچ او بچل قاضي عدالت کي درخواست ڪئي ته   قتل ڪيس هاءِ پروفائل آھي، دهشتگردي ڪورٽ ۾ هلايو وڃي، عدالت جوابدار اسد شاھ ۽  امتياز ميراسي ڪيس ۾ اي ٽي سي جا قلم هڻڻ جو حڪم ڏئي هڪ ڏينهن جي ريمانڊ ڏنو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت آءِ  او بچل قاضي عدالت کي ڪيس بابت ٻڌايو ته ڪيس ۾ اي ٽي سي جا سيڪشن لڳايا ويا آهن ۽ هي ڪيس اي ٽي سي ڪورٽ ڏانهن موڪليو وڃي، جنهن تي فريادي شبنم ڦرڙو جو وڪيل   نثار ڀنڀرو، ايڊوڪيٽ صفيه لاکو، ايڊوڪيٽ بختاور شيخ، امر امتياز ڪيس بابت دليل ڏنا ته هن ڪيس جي تمام گهڻي وايوليسشن ٿي آهي پوسٽ مارٽم دوران  نينگري تي تشدد ۽ زنا جهڙا نشانات مليا آهن ان ڪري ڪيس کي اي ٽي سي ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪيو وڃي، جنهن تي جوابدار ڌر جي وڪيل علي مرتضيٰ شاھ  دليل ڏيندي چيو ته ملزم کي رمانڊ پورو ٿيڻ تي جيل ڪسٽڊي ڪيو وڃي، عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو  ڏيندي چيو ته جوابدار اسد شاهه ۽ امتياز  کي هڪ ڏينهن جو ريمانڊ ڏيندي حڪم ڪيو ته هن ڪيس ۾ اي ٽي سي جا قلم شامل ڪيا آهن، اڄ خيرپور اي ٽي سي ڪورٽ ۾ وڌيڪ ريمانڊ لاءِ پيش ڪيو وڃي، جڏهن ته  فاطمه ڪيس ۾ جاچ دوران حراست ۾ ورتل ايس ايچ او امير چانگ، ڊاڪٽر عبدالفتاح ميمڻ، اڳوڻي ايم ايس ڊاڪٽر عل حسن وساڻ ۽ وڏو منشي محمد خان شيخ  کي بي گناھ قرار ڏيڻ واري جي آءِ ٽي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي، جي آءِ ٽي پاران ڪيل جاچ رپورٽ تي فريادي ڌر ۽ جوابدار ڌر جي وڪيلن  اتفاق ڏيکاريو، جنھن بعد عدالت حراست ۾ رکيل جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.