خانواهڻ (ن پ ا) فاطما ڦرڙو جي وارثن تي ٺاهه لاءِ دٻاءُ، سندن چوڻ آهي ته هو ڪنهن به صورت ۾ نياڻي جي خون جو سودو نه ڪندا، خبر موجب راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ بيدرديءَ سان قتل ڪيل نينگري فاطمه ڦرڙو جي امڙ شبانا ڦرڙو ۽ پيءُ نديم ڦرڙو فاطمه ڪيس بابت ڳالھائيندي چيو آھي ته قتل جي جوابدارن پير فياض شاهه، اسد شاهه ۽ حنا شاهه جا ڪجهه ھمدرد ماڻھو ٺاھ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن، پر اسان اھو مٿن واضح ڪيو آهي ته قاتلن سان ڪڏهن به ٺاهه نه ٿيندو ۽ کين سزا ڏيارڻ تائين سک سان نه ويھنداسين، ھنن چيو ته ڪنھن کان به ڊڄڻ وارا نه آھيون، موت ھڪ ڏينھن اچڻو آهي، هنن چيو ته ڪنهن به لالچ ۾ اچي نياڻي جي خون جو سودو نه ڪنداسين، سنڌ جو باشعور عوام اسان سان ٻانھن ٻيلي بڻيل آھي، ھنن سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي ته ايندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪن تي بيهندڙ اميدوارن کان اھو ضرور پڇاڻو ڪن ته انھن شھيد فاطمه ڦرڙو جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ لاءِ پنھنجو ڪھڙو ڪردار ادا ڪيو آھي.