ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي حڪم تي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي عملي ڪراچي جي ايڊمن سوسائٽي ۾ غير قانوني اڏاوت ڄاڻائي بلڊنگ جا 3 فلور ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا، گذريل ٻڌڻي تي ڊي جي ايس بي سي اي عدالت ۾ پيش ٿي عدالتي حڪم تي عمل نه ڪرڻ تي معذرت ڪئي ھئي، جنهن بعد عدالت هڪ هفتي اندر غير قانوني اڏاوتون ڊاهڻ  جو حڪم ڏنو هو، ان موقعي تي بلڊر استدعا ڪئي ھئي ته عمارت ۾ ماڻھو رھن ٿا، ان ڪري حڪم واپس ورتو وڃي پر عدالت غيرقانوني اڏاوتون ڊاهي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھو.