غوثپور/ بڊاڻي (نمائندن وٽان) غوثپور مان چار ڏينھن اڳ قمبراڻي لاڙو ڀرسان اغوا ٿي ويل ھندو واپاري نتيش ڪمار، سنجي ڪمار ۽ نتيش گيھاڻي بازياب نه ٿيا. بازيابي لاءِ ھندو برادري ۽ سياسي سماجي ڌرين جي سڏ تي چوٿين ڏينھن به شھر ۾ مڪمل شٽربند ھڙتال ڪري مندر چوڪ کان مکي سريش تلريجا، چوڌري رميش، بشير شاھ، فيض الرحمان، جمال دين اوڳاھي، مولوي سدالله ڀيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي انڊس ھاءِ وي تي شاميانا لڳائي نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو ويو، سنڌ پنجاب سميت چئني صوبن ڏانھن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پوليس مغوين جي بازيابي جا روز دلاسا ڏئي رھي آھي، پوليس طرفان ٽن ڏينھن جو ورتل مدو گذريل ڏينھن پورو ٿي ويو، پر کڙ تيل نه نڪتو. مغوين جي گھرن ۾ ڪھرام متل آھي، انتظاميا جي ڪن تي جوءَ به نٿي چري، پوليس جي دلاسن تي خاموش نه ويھنداسين.  مغوين جي بازيابي تائين تحريڪ جاري رھندي.  ذريعن موجب مظاھرين وٽ ايس ايچ او غوثپور پھچي پ پ ايم پي اي عابد سندراڻي سان موبائل ذريعي ڳالهه ٻولهه ڪرائي، عابد سندراڻي ڌرڻي ۾ موجود اڳواڻن کي خاطري ڪرائي ته سندس ايس ايس پي سان ڳالهه ٻولهه ٿي آھي، پوليس مغوين کي جلد بازياب ڪرائيندي. ٻئي طرف پوليس پاران مغوين جي بازيابي جي خاطري ڪرائڻ بعد روڊ کولي ڇڏيو. هوڏانهن بڊاڻي ۾ هندو برادري ٽن نوجوانن بڊاڻي مان اغوا ٿيل ٻن ڄڻن ۽ سنگرار واسڻ معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ پاٺشالا مندر کان مکي گيانچند، استاد مولچند، ششپال داس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پاٺشالا مندر کان شهيد مرتضيٰ چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي.