غوثپور ۾ ٽن مغوي واپارين جي بازيابيءَ لاءِ ٽئين ڏينهن به شٽربند هڙتال

0
14
غوثپور ۾ ٽن مغوي واپارين جي بازيابيءَ لاءِ ٽئين ڏينهن به شٽربند هڙتال
غوثپور ۾ ٽن مغوي واپارين جي بازيابيءَ لاءِ ٽئين ڏينهن به شٽربند هڙتال

غوثپور ۾ ٽن مغوي واپارين جي بازيابيءَ لاءِ ٽئين ڏينهن به شٽربند هڙتال ڪئي وئي، ڪاروبار بند رکيو ويو

 3 ڏينهن اڳ مين انڊس هاءِ وي قمبراڻي لاڙو وٽان اغوا ٿيل نتيش ڪمار، سندس ڀائيٽيو سنجي ڪمار ۽ نتيش گيهاڻي ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل آهن

 هندو برادري ۽ سياسي سماجي ڌرين جي سڏ تي ٽئين ڏينهن به شهر ۾ ڪاروبار مڪمل طور بند، پوليس مغوين کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي

 ايس ايس پي شڪارپور ۽ ڊي سي ڪشمور-ڪنڌڪوٽ جي رات دير سان مغوين جي وارثن سان ملاقات، ٽنهي واپارين کي جلد بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي وئي

 وارثن جو چوڻ آهي ته انتظاميا ۽ پوليس جي دلاسن تي خاموش نه ويهنداسين، مغوين جي بازيابي تائين احتجاجي تحريڪ جاري رهندي

 ايس ايس پي ڪشمور-ڪنڌڪوٽ جو چوڻ آهي ته ڪچي واري علائقي ۾ ڪارروايون جاري آهن، ڪجهه شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جلد مغوين کي بازياب ڪرائي وارثن جي ڳڻتي ختم ڪنداسين