غوثپور/ ڪشمور (نمائندن وٽان) ٽي ڏينھن اڳ انڊس ھاءِ وي قمبراڻي لاڙو اسٽاپ ڀرسان ڪار سميت اغوا ٿي ويل غوثپور واسي ٽن مغوين کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، مغوين جي بازيابي لاءِ ھندو برادري ۽ شھر جي سياسي سماجي ڌرين جي سڏ تي ٽئين ڏينھن به شٽر بند ھڙتال ڪري سوين ماڻھن مکي سريش ڪمار، ظريت بجاراڻي، دلمراد ڏاھاڻي، مھندر لال، نارائڻ ناز ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو لڳايو ويو.  ان موقعي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته پوليس ٽي ڏينھن گذرڻ باوجود مغوين کي بازياب ناھي ڪرائي سگھي، پوليس ڏوھارين آڏو بيوس بڻجي وئي آھي. اڳواڻن چيو ته پھرين ڏينھن کان مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاجي تحريڪ ۽ شھر ۾ شٽربند ھڙتال جاري آھي، اڃان تائين پوليس جوابدارن خلاف ڪا اثرائتي ڪاروائي ناھي ڪري سگھي، نوٽيس وٺي مغوي بازياب ڪرائي ڳڻتي ختم ڪرائي وڃي. ٻئي طرف ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروھي جي اڳواڻي ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ اي پي سي چين ۽ بڪتر بند گاڏين ذريعي پوليس اٽالن ۽ رينجرز جوانن پاران دراني مھر جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ قياص ڀرسان آپريشن ڪري چار شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪري ڏوھارين جي ٺڪاڻن کي باھيون ڏئي، مورچا ڊاھي پٽ ڪيا. رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي ڪشمور بشير بروھي پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته مغوين جي بازيابي لاءِ دراني مھر جي ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن شروع ڪيو، جلد ڪاميابي ملندي. ھن ٻڌايو ڏوھاري پوليس آپريشن جي دٻاءَ ۾ اچي پنھنجا ٺڪاڻا خالي ڇڏي فرار ٿي ويا آھن، مغوين جي بازيابي تائين آپريشن جاري رھندو. هوڏانهن ڪشمور غوثپور واسي ٽن ھندو نوجوانن سنجي ڪمار، نتيش ڪمار گياني، نتيش ڪمار جي بازيابي لاءِ ھندو نوجوان اتحاد جي سڏ تي پنچائتي هال کان پريس ڪلب تائين نتن ڪمار، ايوش ڪمار، راڪيش مڪريجا، وجي لنڊ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.