غوثپور (ن پ ا) غوثپور ڀرسان ڳوٺ خير محمد نصيراڻي ۾ اوڳاھي برادري ۾ ڪارنهن  تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو، فائرنگ ۾ ڪامريڊ عبدالخالق اوڳاهي زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال آندو ويو، جتان کيس وارث ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر کڻائي ويا.واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي، ايس ايچ او غوثپور رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اوڳاهي برادري ۾ ڪارنهن تڪرار تان واقعو پيش آيو آهي، اين سي داخل ڪري پوليس پاران جاچ شروع ڪئي وئي آهي.