اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزير اطلاعات عطا تارڙ شاهد خاقان عباسي ۽ مفتاح اسماعيل جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته پارٽي ٺاهڻ هر ڪنهن جو حق آهي، پر غلط بياني ڪرڻ ڪنهن جو حق ناهي، شاهد خاقان کي ميان نواز شريف وزير اعظم بڻايو هو، کيس لاهور مان کٽرايو هو، هن چيو ته هن حڪومت خرچ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عملي ڪم ڪيو آهي. جيترا خرچ گهٽ ڪري سگهي پئي اهي ڪيا آهن، وزير اعظم ڪڏهن به پگهار يا مراعتون ناهي وٺندو، هن چيو ته مون ڪلچر کي اطلاعات ۾ ضم ڪرڻ لاءِ هڪ خط لکيو آهي. گهرو وزير نارڪوٽيڪس ڊويزن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. پي آءِ جي نجڪاري جي انهن کي تعريف ڪرڻ گهرجي ها. هن چيو ته مفتاح اسماعيل صاحب ناڻي وزير هيو ته مهانگائي وڌيڪ هئي هاڻي گهٽ ٿي آهي، واپارين بجيٽ کي قبول ڪيو آهي. ماڻهن کي هاڻي فائلر ٿيڻو پوندو، وفاقي وزير چيو ته جي يو آءِ ۽ اي اين پي کي عزت جي نگاهه سان ڏسندا آهيون هاڻ اليڪشن 2029 ۾ ٿيندي.