غزه  (م ڊ) غزه  ۾ اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ طئي ٿيل معاهدي تحت 4 ڏينهن جي جنگ بندي جي باقاعدا شروعات ٿي وئي آهي.  پرڏيهي خابرو اداري موجب حماس اسرائيل جي 25 يرغمالين کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اسرائيلي وزيراعظم اسرائيلي يرغمالين مان 13 ڄڻن جي آزادي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته حماس رفاح ڪراسنگ تي يرغمالين کي ريڊ ڪراس حوالي ڪيو، ريڊ ڪراس مصر حڪومت حوالي يرغمالي ڪري ڇڏيا.  اسرائيلي سڪيورٽي ايجنسي ممصر پهتل يرغمالين سان ملاقات به ڪئي.  آزاد ڪيل يرغمالين ۾ 12 ٿائلينڊ جا يرغمالي آهن. جڏهن ته هڪ اسرائيلي آهي. جن کي طبي مرڪز رکيو ويو آهي.  چئن ڏينهن ۾ حماس 50 يرغمالي آزاد ڪندو جڏهن ته اسرائيل 150 فلسطيني قيدين کي به آزاد ڪندو.  ٻئي پاسي اسرائيل به فلسطيني قيدين کي آزاد ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. عرب ميڊيا موجب آزاد ڪيل 39 فلسطيني قيدين کي ريڊ ڪراس حوالي ڪيو ويو جن ۾ 24 عورتون ۽ 15 مبهم ٻارڙا شامل آهن.  عالمي ميڊيا موجب اسرائيل ۽ حماس ۾ ٿيل چئن ڏينهن جي جنگبندي کي قطر مانيٽرنگ ڪندو. قطر جي نگراني ۾ اسرائيلي يرغمالين ۽ فلسطيني قيدين کي آزاد ڪيو ويندو.  فلسطيني قيدين کي اسرائيل جي مختلف جيلن مان عوفو جيل منتقل ڪيو ويو، جتان ريڊ ڪراس حوالي ڪيو ويو آهي.  آزاد ٿيل فلسطينين جو تعلق والاريل بيت القمدس ۽ اولهه غزه سان آهي. عرب ميڊيا موجب قطري راڄڌاني دوحا ۾ غزه  جنگ بندي مانيٽر ڪرڻ لاءِ آپريشنز روم قائم ڪيو ويو آهي، قطر عارضي جنگ بندي تي عملدارآمد لاءِ اسرائيلي فوج ۽ حماس سان سڌي ريت رابطي ۾ آهي ۽ روز 10 اسرائيلي يرغمالين جي آزادي تي جنگ بندي ۾ وڌيڪ هڪ ڏينهن واڌ جو به امڪان آهي.