اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽر مشتاق چيو ته رليف جو سامان غزا وڃي رھيو آھي اھو پھريان اسرائيل ويندو آھي، تان چيڪ ڪري پوءِ غزا ويندو آھي. پاڪستان ان مسئلي تي متحرڪ سفارتڪاري ڇو نٿو ڪري. پاڪستان ڇو خاموش آھي.  پرڏيھي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته اسرائيل جنگي ڏوھه ۽ نسل ڪشي ڪري رھيو آھي. اسان چيو ته زخمين کي پاڪستان ۾ ميڊيڪل ڏيڻ گھرجي، پر مريض ايئر لفٽ ڪرڻ جي لاءِ اسرائيل جي اجازت گھربل آھي. ممڪن ناھي ته ھاڻي اُتي ڪا اسپتال ٺاھي سگھون.