پشاور (م ڊ) پشاور ۾ عيد جي موقعي تي گهڻو گوشت کائڻ جي ڪري 7 هزار ماڻهو اسپتال پهچي ويا، ليڊي ريڊنگ اسپتال انتظاميا موجب گهڻو گوشت کائڻ ڪري 2500 مريض اسپتال آندا ويا، خيبر ٽيچنگ اسپتال ۾ پيٽ جي سور سبب 4500 ماڻهو پهتا جن مان 331 مريضن کي داخل ڪيو ويو، اڪثر مريضن کي طبي امداد ڏئي اسپتال مان فارغ ڪيو ويو، گهڻو گوشت کائيندڙن کي معدي ۽ پيٽ ۾ سور جي تڪليف ٿي.