ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) عيدالاضحيٰ تي ملڪ ۾ 450 ارب جا قرباني جا جانور قربان ڪيا ويا، ان ڏس ۾ مليل رپورٽن موجب عيد جي موقعي تي ملڪ جي وڏن شهرن ۾ لڳل منڊين ۾ عيد کان اڳ توڙي عيد جي ڏينهن ۾ ساڍا 4 سو ارب رپين جا مختلف جانور خريد ۽ وڪرو ڪيا ويا. رپورٽن موجب هيل گابا ۽ ٻڪرا وڌ ۾ وڌ وڪرو ٿيا, جڏهن ته وڪرو ٿيندڙ اٺن جو انگ سڀني کان گهٽ رهيو، ملڪ جي مختلف منڊين مان مليل رپورٽن موجب هيل 40 لک ٻڪرا ۽ رڍون (گهيٽا)، 30 کان 33 لک گابا توڙي پاڏا ۽ 2 لک اٺ وڪرو ٿيا. رپورٽن موجب عيد تي ڪاسائين جي پڻ ٻيگهي متل رهي، جن عيد جي ٽن ڏينهن دوران 25 ارب رپيا ڪمايا. جڏهن ته هيل عيد تي 10 سيڪڙو وڌيڪ قرباني ٿيڻ ڪري ساڍا 7 ارب رپين جون کلون وڪرو ٿيون، جڏهن ته گذريل سال 6 ارب جون کلون وڪرو ٿي سگهيون هيون. عيد تي قرباني وارا جانور مختلف شهرن کان منڊين ۾ کڻي ايندڙ ٽرانسپورٽرن پڻ 1.5 ارب رپين کان وڌيڪ مال ڪمايو. جڏهن ته جانورن جي هار سينگار جو سامان وڪرو ڪندڙن، گاهه وڪڻندڙن توڙي منڊيون لڳائيندڙن پڻ ڪروڙين رپيا ڪمايا.