اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) پهرين جون کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڌيڪ لاٿ جو امڪان آهي،  ذريعن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ سبب پاڪستان ۾ پيٽرول في ليٽر چار رپيا سستو ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊيزل جي قيمت ۾ في ليٽر ساڍا 3 رپيا لاٿ جو امڪان آهي جڏهن ته پيٽروليم شين جي اگهن جو حتمي فيصلو وزيراعظم ڪندو جنهن جو اعلان 31 مئي تي ڪيو ويندو. ياد رهي ته 15 مئي تي ايندڙ پندرنهن ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي لاٿ ڪئي وئي هئي جنهن ۾ پيٽرول 15 رپيا 39 پئسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل ست رپيا 88 پئسا ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 7 رپيا 54 پئسا في ليٽر لاٿ ڪئي وئي هئي.