عوام جي مال تي ٽوپي نِراڙ تي!

0
12
“پوليس پراڊڪشن هائوس” جا نوان نوان ناٽڪ

هونئن ته وفاق ۽ سڀني صوبن ۾  حڪمران عوام جي ٽيڪسن جي ناڻي کي بيدرديءَ سان استعمال ڪندا رهيا آهن، ڄڻ هِي جمهوريت نه پر بادشاهت هُجي ۽ بادشاهه سلامت هر پُڇاڻي کان آجو هوندو آهي. ظلِ سبحاني جي جنبش ابرو ئي قانون هوندو آهي. جتي بادشاهتون هونديون آهن، بادشاهه هر پُڇاڻي کان مٿانهان هوندا آهن. سنڌ ان حوالي سان سڀني صوبن کان اڳتي آهي ۽ گُذريل ڏيڍ ڏهاڪي کان سنڌ پنهنجي ان پهرئين نمبر واري ٽائيٽل جو انتهائي ڪاميابيءَ سان دفاع ڪندي پئي اچي. منترين، سنترين، خاص مددگارن، ترجمانن جو هڪ “جم غفير” آهي، ان جي باوجود حڪمرانيءَ جو جيڪو انداز آهي، جيڪو معيار آهي، اهو سڀني جي سامهون آهي ۽ ان حڪمرانيءَ ۾ چار چنڊ لڳائڻ لاءِ ڏهه خاص مددگار ۽ ڇهه ترجمان کنيا ويا آهن ۽ اهڙي طرح سنڌ جي عوام جي ٽيڪسن جي ناڻي تي بار وڌايو ويو آهي. هن وقت جڏهن خرچ گهٽائڻ ۽ ڪفايت شعاري جي ضرورت هئي، ان وقت ايتري وڏي تعداد ۾ مددگارن ۽ ترجمانن جي مقرري انتهائي حيران ڪندڙ آهي.

مغل بادشاهه جلال الدين محمد اڪبر (اڪبر اعظم) هندوستان جي وسيع سلطنت جو انتظام پنهنجي 9 رتنن جي ذريعي هلائيندو هو ۽ تاريخ شاهد آهي ته، مغليه حڪمرانيءَ واري دور ۾ اڪبر بادشاهه جو دور سڀني کان بهتر رهيو آهي. مغليه دور ۾ اڪبر اعظم جي حڪمراني مثالي رهي آهي. اهو اڄ کان سوا چار صديون اڳ جو زمانو هو، جڏهن سڌ سماءَ ۽ ڪميونيڪيشن جا ذريعا محدود ۽ ايترا ترقي يافته نه هئا. هونئن به بهتر حڪمرانيءَ جو دارومدار ٻين عنصرن سان گڏ ڪميونيڪيشن جي ذريعن تي پڻ هوندو آهي. هن وقت ڪميونيڪيشن جا جديد ذريعا ميسر آهن. جديد ٽيڪنالاجي آهي پر ان جي باوجود سنڌ جي وڏي وزير کي ڏهه خاص مددگار ۽ ڇهه ترجمانن جي بيساکين/گهوڙين جي ضرورت پئي آهي. سوال اهو آهي ته، سنڌ جا حڪمران هندوستان کان به وڏي سلطنت جا بادشاهه آهن، جو انهن کي ان “اقليم” جو انتظام هلائڻ لاءِ اڳ ۾ ئي موجود وزيرن ۽ مشيرن باوجود خاص مددگارن ۽ ترجمانن جي ضرورت پئي آهي. اها حڪمرانيءَ کان وڌيڪ دل پشوري نه آهي ته ڀلا ٻيو ڇا آهي؟ سمجهڻ جي ڳالهه اها آهي ته، ايڏي وڏي تعداد ۾ خاص مددگارن ۽ ترجمانن جي پگهارن، مراعت ۽ پروٽوڪول جو خرچ وڌندو. بحرحال شايد بادشاهيءَ جي هيراڪ اسان جي بادشاهن کي بادشاهي رتبو ته ضرور کپندو هو. انهن جي جاهه ۽ جلال، رعب ۽ دٻدٻي جو اهتمام ته ڪرڻو هو. سوال اهو به آهي ته، ڇا انهن 16 خاص مددگارن ۽ ترجمانن سان سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگي ۽ گورننس جو معيار بهتر ٿي ويندو؟ اصل ڳالهه آهي سڀني کي راضي ڪرڻ. سڀني کي وقفي وقفي سان موقعو ڏيڻو آهي. اها حڪمراني ئي ڪهڙي جيڪا اجاين خاص مددگارن ۽ ترجمانن بيساکين/گهوڙين تي بيٺل هجي. جڏهن ايترن خاص مددگارن ۽ ترجمانن جي ضرورت پوي ته، باقي انتظامي سربراهه جي ڪرڻ جو ڪم ڪهڙو ٿو وڃي بچي؟ سنڌ ۾ حڪمرانن جي هميشه عوام جي مال تي ٽوپي نِراڙ تي رهندي آئي آهي، يعني مال مفت-دل بيرحم. عوام ڪهڙين حالتن ۾ وقت پيو گذاري. اهو شايد حڪمرانن کي اندازو ئي ڪونهي. عوام جي ٽيڪسن جي ناڻي سان ڪهڙو حشر ڪيو وڃي ٿو، ان جي هڪ جهلڪ ڪالهوڪي پنهنجي اخبار ۾ جنرل ايڊمنسٽريشن بابت رپورٽ ٿيل خبرن مان نظر اچي ٿي ته ڪهڙي نموني عوام جي ٽيڪسن جو ناڻو بيدرديءَ سان استعمال ڪيو پيو وڃي پر ڪامورا شاهي کان اهو پُڇاڻو ڪير ڪري؟ ڪامورا حڪمرانن جي ايجنڊا تي عمل ڪندي ڪندي پنهنجي ايجنڊا تي به عمل ڪري ٿا وٺن. پر انهن کان پڇاڻو ڪير ڪري؟ ڪو آواز اُٿاري ٿو ته چيو وڃي ٿو ته، جمهوريت جي خلاف سازش ڪئي پئي وڃي.

ڀلي کڻي قانوني طور تي اهو جواز ڏنو وڃي ته سنڌ سرڪار ايترا خاص مددگار ۽ ترجمان رکي سگهي ٿي پر ڳالهه وري به قانون جي نه پر احساس جي آهي، ڪفايت شعاري جي آهي. اهي دراصل سياسي عهدا آهن، جيڪي ماڻهن کي پاڻ سان سياسي طور گڏ رکڻ لاءِ ڏنا ويندا آهن، ته جيئن سندن اقتدار جي جهنڊي تي ڪڏهن به سج نه لهي. باقي جيڪڏهن ايترن سارن خاص مددگارن ۽ ترجمانن جي مقرريءَ سان گورننس جو معيار بهتر ٿئي ٿو ته اسان جون اکيون ٿڌيون.