اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيٽروليم شين جا اگهه وڌڻ کانپوءِ ايل پي جي به مهانگي ڪئي وئي آهي. جولاءِ مهيني لاءِ ايل پي جي جي في ڪلو قيمت ۾ 13 پئسا واڌ ڪئي وئي، ايل پي جي جي في ڪلو قيمت 234 رپيا 72 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي.
اوگرا اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جولاءِ لاءِ ايل پي جي جي گهريلو سلينڊر جي قيمت ٻه هزار 769 رپيا 66 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي، جون ۾ ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر 2 هزار 7 سئو 68 رپين جو هو.