حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي عوام دشمن قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آھي ته آءِ ايم ايف جي چوڻ تي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو واپس وٺي مھانگائي ختم ڪري عوام تي رحم ڪيو وڃي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته آءِ ايم ايف جي حڪم تي عوام جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي ان لاءِ ڪرپٽ حڪمرانن پاران لٽيل دولت ٻاھرين ملڪن جي بئنڪن مان واپس آڻي آءِ ايم ايف جو قرض واپس ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته ملڪ جو غريب عوام ھاڻ مھانگائي جو بار نٿو کڻي سگھي. مشڪل حالتن ۾ رليف بدران عوام کي وڌيڪ مھانگائي جي دلدل ۾ اڇلائڻ سبب غربت جا ماريل ماڻھو بک ۽ بدحالي کان تنگ اچي معصوم ٻارن سميت خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن. هن چيو ته هي الميو آھي جو بي حس حڪمرانن جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري. حڪمران پنھنجا شاھي خرچ بند ڪرڻ بدران عوام کي بدترين مھانگائي جي چڪي ۾ پيسي رھيا آھن جنهن ڪري ائين نه ٿئي ته غربت ۽ بيروزگاري جا ماريل ماڻھو سريلنڪا وانگر حڪمرانن کي اقتدار کان ٻاھر ڪڍي ڇڏين. هن مطالبو ڪيو ته پيٽروليم مصنوعات جون واڌيل قيمتون واپس وٺي ٻاھرين ملڪن جي بئنڪن ۾ ڪرپٽ حڪمرانن جي ڪرپشن جا اربين ڊالر ملڪ ۾ واپس آندا وڃن.