عوامي ڪاوڙ جو سونامي به اَوس اچڻو آهي!

0
14
عوام کي ‘نان اشوز’ ۾ اُلجهائڻ واريون اٽڪلون

عالمي مالياتي اداري جي فرمائش ۽ مرضيءَ موجب نئين سال 25-2024ع جي بجيٽ جوڙي حُڪمرانن مهانگائيءَ جو سونامي آڻي ڇڏيو آهي. مٿان وري مهانگائي سٽيل ماڻهن جي جيئڻ جي امڪانن کي ختم ڪرڻ لاءِ نئين مالي سال جي پهرئين ئي ڏينهن تيل جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. حڪومت طرفان پيٽرول جي في لٽر اگهه ۾ 7.45 رُپين جي واڌ کان پوءِ پيٽرول جو نئون اگهه 265.56 رپيا ۽ ڊيز جي اگهه ۾ 9.56 رپيا اضافي سان ڊيزل 277.45 رپيا في لٽر تي پهچي ويو آهي، ته لائيٽ ڊيزل جي اگهه ۾ 9.88 رُپيا ۽ گاسليٽ جي اگهه ۾ 10.05 رپيا في لٽر واڌ ڪئي وئي آهي. اهو سڀ ڪُجهه آءِ ايم ايف جي راءَ کي ريجهائڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي، ته جيئن نئين قرض جي منظوريءَ ۾ ڪا به روڪ ۽ رنڊڪ نه ٿئي. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جو فرمان آهي ته، صوبا پنهنجا خرچ پاڻ برداشت ڪن. فوج کان سواءِ باقي پينشنرن لاءِ پينشن اسڪيم پهرين جولاءِ کان لاڳو آهي. پريس ڪانفرنس ۾ موصوف اهو پڻ انڪشاف ڪيو ته، مهانگائي گهٽجي رهي آهي ۽ معيشت بهتر ٿي رهي آهي.

انگريز ته ويا پر اهي جيڪي پنهنجو بليڪ ايڊيشن ڇڏي ويا، مُني صدي گذرڻ جي باوجود به انهن جو “نه تن بدليو، نه من بدليو”. ان جي “استعماري ذهنيت” ۾ ڪا به تبديلي نه آئي. هتي جي سپهه سالارن کي بنگال جي ڌرتي ٿي کپي، ۽ ماڻهو انهن لاءِ مسئلو نه هئا ۽ اها سوچ اڄ به جيئن جو تيئن موجود آهي. هن وقت به حڪمرانن کي آءِ ايم ايف جو قرض کپي، عوام جو انهن سان ڇا وڃي! هن وقت ئي حالت اها آهي ته، انتهائي گهڻي غربت ۽ اڻهوند سبب ملڪ ۾ خودڪشين جي شرح وڌي وئي آهي. زندگيءَ جي اذيت موت کان به سرس ۽ سوائي ٿي وئي آهي ۽ ماڻهو زندگيءَ تي موت کي ترجيح ڏيڻ لڳا آهن. وسيلن سان مالامال ملڪ جي عوام سان هي ڇا پيو ٿئي؟ هڪ بينڪر وائسراءِ بڻيل آهي، جيڪو وزير اعظم کي به ليکي ۾ نٿو آڻي. گذريل ڀيري وزير اعظم طرفان پيٽرول جي قيمت ۾ وڏي لاٿ جو اعلان ڪيو ويو پر ان اعلان تي ناڻي واري وزارت جشن ملهائڻ جيترو موقعو به نه ڏنو ۽ پيٽروليم مصنوعات ۾ معمولي ڪمي جو اعلان ڪري  وزير اعظم جي اعلان کي به چٿر جهڙو بنائي ڇڏيو. معاشي بحران ۾ ڦاٿل ملڪ کي قرض سان نه پر ڊگهي مدي وارن معاشي منصوبن ۽ رٿابنديءَ سان ئي هلائي سگهجي ٿو ۽ هڪ بينڪر ته اقتداري مدي دوران خساري کي نفي ۾ بدلائڻ جو ئي ڪم ڪندو، جنهن جي ثابتي ان مان ملي ٿي ته، سموري کوٽ ۽ خسارو عوام مان پورو ڪيو پيو وڃي. ظالماڻا ٽيڪس مڙهي عوام جي جيئڻ جا گس بند ڪيا پيا وڃن. نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ عوام کي ايترو ته نپوڙيو ويو آهي، جو ان جي سهپ ۽ برداشت ختم ٿيندي وڃي. وفاقي ناڻي کاتي جو وزير پريس ڪانفرنس ۾ فرمائي ٿو ته، صوبا پنهنجا خرچ پاڻ برداشن ڪن. ان ناڻي واري منتريءَ جو مطلب ڇا آهي؟ ٻيو ته ناڻي واري وزير ڄاڻايل پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته، فوج کانسواءِ باقي پينشنرن لاءِ نئين اسڪيم پهرين جولاءِ کان لاڳو ٿي وئي آهي. هتي اهو پُڇڻ جي ضرورت محسوس ٿي ٿئي ته سويلين ۽ نان سويلين پينشن پاليسي ۾ اهو فرق ڇو آهي؟ فوجي پينشنرن جي پينشن دفاعي بجيٽ مان نه پر سويلين بجيٽ مان ملندي آهي. ڇا اهو پاليسي جو فرق سول کاتن جي پينشنرن سان ناانصافي ناهي؟

ڪائنات ۾ هر عمل جو ردعمل آهي. جڏهن مهانگائيءَ جو سونامي آڻي عوام جي جيئڻ جا گس بند ڪيا ويندا ته ڇا عوام مان ڪاوڙ جي صورت ۾ ان جو ردِ عمل نه ايندو؟ عوامي ڪاوڙ جو جوالا مکي نه ڦاٽندو؟ عوامي ڪاوڙ جو سونامي به اَوس اچڻو آهي ۽ حڪمرانن کي اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته، اهي آءِ ايم ايف جي ڪري نه پر عوام جي ووٽن سان انهن منصبن تي پهتا آهن، ان ڪري 8 بلين ڊالر قرض عيوض عوام جو رت ست نه نپوڙيو وڃي. حڪمرانن کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته، عوام جي ٻانهن ۾ اڃان تائين ڇَٽَ پَٽن سان هڻڻ جيترو ٻَل موجود آهي.