ڪنڊيارو (ن پ ا) پ پ اڳواڻ غلام مرتضيٰ شاهه چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، کيس ڪجهه به ٿيو ته ذميوار اهي هوندا، هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اسان پنهنجي خرچ تي شهر مان پاڻي نيڪال ڪرايو آهي، جيڪا ڳالھه ڪجهه ماڻهن کي نٿي وڻي، هن چيو ته ڌمڪيون ڏيندڙ پنهنجو گراف ڪرندي ڏسي ڪريل حرڪتن تي لهي آيا آهن، هن چيو ته مون کي ڪجهه به ٿيو ته ان جا ذميوار سيد عابد شاهه ۽ زاهد شاهه هوندا، هن الزام هنيو ته ڄاڻايل ٻئي ماڻهو سوشل ميڊيا تي منهنجي خلاف پوسٽون هلائي گارگند ڪري رهيا آھن، جيڪو عمل مذمت جوڳو آهي، هن چيو ته هو ۽ سندس والد پ پ ايم پي اي سرفراز شاهه رڪاوٽن باوجود عوام جي خدمت جاري رکندا،