حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ وزيراعظم پاران ڪالاباغ ڊيم جي لاءِ ٻيهر شروع ڪيل رينگٽ کي ملڪ دشمن  مهم قرار ڏئي ڇڏيو آهي. مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي پاران جاري پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وفاقي سرڪار ڪالاباغ ڊيم جي مهم هلائي ملڪ دشمني ڪري رهي آهي ڇاڪاڻ ته ڪالاباغ ڊيم کي ملڪ جون 3 صوبائي اسيمبليون رد ڪري چڪيون آهن ۽ صوبائي اسيمبلي جي رد ڪرڻ باوجود وفاقي حڪومت ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جي سازش ڪري آئين جي خلاف ورزي پئي ڪري. عوامي تحريڪ جي صدر موجب ته ڪالاباغ ڊيم جا حامي غير جمهوري قوتن جي پيداوار آهن ڇاڪاڻ ته ڪالاباغ ڊيم سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا هڻڻ جي سازش آهي. اڳ ۾ ئي سنڌ کي پاڻي نه ملڻ سبب سمنڊ سنڌ جون زمينون پائي رهيو آهي. پنجاب جا حڪمران پاڻي معاهدن، ملڪي توڙي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي رهيا آهن ان لاءِ 1945ع واري سنڌ- پنجاب پاڻي ٺاهه تي عمل ڪيو وڃي. هن چيو ته سنڌو درياهه تي کين ڪو به ڊيم قبول نه آهي. سنڌ سڪائڻ جي سازش ڪندڙ ملڪ دشمن قوتن جي ايجنڊا تي هلي رهيا آهن ان لاءِ ڪالاباغ ڊيم جي حامين خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ڪئي وڃي.