عهدِ ظُلمات جو مطالعو ۽ سورهيھ بادشاهه جي سنڌ؟

0
166
گلزار خليل جا گلها ۽ رنگا رنگ

 اڄ کان لڳ ڀڳ اسي سال اڳ سورهيھ بادشاهه کي انگريزن حيدرآباد ۾ تخته دار تي چاڙهي هڪڙي سنڌي جوڌي کي پنهنجي پر ۾ عبرت جو نشان بنائڻ جا ناڪام جتن ڪيا هئا. ٻيو ته ٺهيو پر پير صاحب جو جسد_ خاڪي به گم ڪري ڇڏيو هئائون. اسي سالن جي ڊگهي انتظار کانپوءِ به ڪن خيالي راين ۽ نتيجن کان سواءِ پاڻ سنڌ واسي هن مرد حُر جي بُٺي کي به ظاهر ڪري ڪونه سگهيا آهيون. انفارميشن کاتي جو ننڍي قد وارو قدآور ليکڪ ثناءُ الله راڄڙ ٻڌائي ٿو ته اسان مردان شھر جي ڀرپاسي ۾ ميجر جنرل وصال محمد خان جي اوطاق ۽ لائبريري ۾ ويٺل هجون، مفتي صاحب محمد رحيم کوسو اسان جي وفد جي سربراهي ڪري رهيو هو. تنهن زماني م سائين غلام مصطفيٰ شاهه جو انگريزي رسالو“ سنڌ ڪوارٽرلي” قسطن ۾ وصال محمد جا يادگيرا ڇاپي رهيو هو. سندس تحقيقي مواد حُرموومينٽ بابت هوندو هو. اڳتي هلي موصوف جي اها تحقيق سنڌي ترجمي سان اشاعت هيٺ آئي.

ساڻس ٿيل رهاڻ جو سربستو احوال ته راڄڙ صاحب کي لکي منظر عام تي آڻڻ جڳائي ٿو. اها سا همراهه جي شاهدي اڄ اسان به عوام آڏو منڪشف ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ راڄڙ روايت پئي ڪئي ته جنرل صاحب جي ڪتب خاني ۾ الاهي سارا ڪٻٽ هئا. فائلن تي نمبر به لکيل هئا. اسٽڪ سان هڪڙي الماري جي مٿين خاني کي نشانبر ڪندي چيائين ته هنن فائلن ۾ پير صاحب جي تدفين وارا پوتا ميل درج ٿيل آهن. ايئن فائيل ۾ هٿ وجهي اوچتو ڇرڪ ڀري چوڻ لڳو ته مفتي صاحب! معاف ڪجو. مون حلف کنيو هو ته اهي راز فاش ڪونه ڪندس. ايئن هڪڙي اهم حقيقت ثبوتن سان منظور عام تي اچڻ کان محروم رهجي ويئي. وصال صاحب جي وصال کانپوءِ وارثن وٽان متان اهو مبني برحقيقت مواد ملي وڃي. شاهنواز نظاماڻي، غلام مصطفيٰ ڀنڀري ۽ لطف مڱرئي پاران نوجوان محقق مردان ڏانهن رخت_ سفر ٻڌن ته ٿي سگهي ٿو اهي جوڌا جوان پٺاڻن کان اهڙو گوهر ناياب هٿ ڪرڻ ۾ سوڀارا ٿي موٽن.

تازو اسان کي به اهڙو مواد پشاور يونيورسٽي جي پوليٽيڪيڪل ڊپارٽمينٽ جي ڊاڪٽر عبدالرئوف خان ظاهر ڪري ڏنو، جنهن م ساڍا نو سو انهن سنڌي سورمن جا نالا ۽ پروفائل آهن جن رئيس المهاجرين بئرسٽر جان محمد جوڻي جي سربراهي ۾ تحريڪ هجرت دوران سنڌ وطن کي خيرباد چئي وڃي قنڌار ۽ ڪابل جا وڻ وسايا هئا. موصوف وٽ ريشمي رومال تحريڪ بابت به الاهي ساريون ثابتيون موجود آهن. ايئن جيئن ڊاڪٽر ابو سلمان سنڌي شاهجهانپوري وٽ سانڍيل هيون. هونئن ته سورهيه بادشاهه واري حر تحريڪ تي لکيل منظوم ڪيڏارا لياقت جوڻيجي ڇپرايا هجن يا عثمان ڏيپلائي “سانگهڙ” جهڙا ناول لکيا هجن. هن ميدان ۾ مير محمد نظاماڻي کان ويندي ڊاڪٽر بلوچ تائين ۽ نصير اعجاز کان ويندي آءِ جي آفتاب نبي تائين پنجاهه کان مٿي ڪتاب لکي چڪا آهن.

لوڙهن م مقيد مهربانن الهورائي بيهڻ پاران به وسان ڪين گهٽايو آهي. گوانتانامو بي جھڙا اهي لوڙها شير سولنگي به سهيڙيا آهن ته استاد لغاري ۽ نواز ڪنڀر به گهٽ ناهي محنت ڪئي. هن سلسلي ۾ جيڪو ڪم پروفيسر عمر چنڊ ڪيو آهي،ا هڙي محنت تي نيوزيلينڊ ۾ عمر عزيز جا آخري پساهه کڻندڙ پورهيت کي جيترو به خراج تحسين پيش ڪجي، اهو گهٽ آهي، جنهن لئمبرڪ پيپرز جي ستاويهه هزار صفحن جو گهرائي سان مطالعو ڪري ٽن ضخيم جلدن ۾ ان مواد جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آهي. انگريزي ۾ لکيل چنڊ صاحب جو اهو تاريخي مواد مڪمل طرح منظر عام تي ڇو نه اچي سگهيو؟ اهي سوال استاد نظاماڻي ۽ ولي محمد خاصخيلي پارا حر جماعت جي مکن کان به ڪندا پيا اچن. منصور ۽ جهونگار ڪتابي سلسلن وسيلي هنن سورهيه بادشاهه جي انگريزن سان جوٽيل جنگ بابت تمام معياري مواد ڇاپي پنهنجي حصي جو ڪردار نهايت محبت ۽ محنت سان ادا پئي ڪيو آهي. ڪرنل فلپ لکي ٿو ته سنڌ ۾ حرن انگريز فيل مست کي بتال بڻائي ڇڏيو هو. سندن راتاها برٽش گورنمينٽ کي لوڏي چڪا هئا. انگريزن پنهنجي تسلط هيٺ ملڪن ۾ بغاوت کي ڪچلڻ لاءِ هڙئي حربا استعمال هيٺ آندا پئي، پر سنڌين کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ کين مارشل لا لڳائڻي پئي. اسان حرن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ چاليھه هزار کان مٿي سنڌي ماريا هئا.

هن ترقي يافته دور ۾ اسي سال اڳ واري وطن يا ڪفن جي نعري سان مزين جنگ جي حوال سان سنڌ سرڪار کان ويندي سنڌي قوم کي يا ته احساس ناهي يا اسان سنڌي پنهنجي منصبي فرضن جي ادائيگي ۾ من حيث القوم ڪاهل ثابت ٿيا آهيون. پشاور يونيورسٽي وارو پروفيسر ته هجرت تحريڪ جا هيرا هٿيڪا ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي سگهي پيو ته پوءِ سنڌ جي يونيورسٽين جا پروفيسر حر موومينٽ جي حقيقت بابت ريسرچ لاءِ ميدان تي نظر ڇو نٿا اچن! تازو سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس وڃڻ ٿيو. اداري جي باني علامه آءِ آءِ قاضي جي نالي سان جڙيل ميموريل سوسائٽي جو دفتر بند لڳو پيو هو. چون پيا ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي وفات کانپوءِ هن سوسائٽي جي آفيس جي ڪنهن ٻهاري به ناهي ڪڍي! قديم تر سنڌ جا اسان عظيم تر اسڪالر ڇا هن صورت حال جا ذميوار ناهيون؟ وي سي ڪلهوڙي صاحب کي ڪير سمجهائي ته قومون پنهنجي محسنن کي هن ريت بير حمي سان فراموش ناهن ڪنديون!!

ششي ٿرور هندستاني سفارت ڪار آهي. هن آڪسفورڊ ۾ 2015ع ڌاري ليڪچر ڏيندي اهي لفظ ادا ڪيا ته ککرن کي کڙا لڳا هئا. هن چيو هوته: برطانيا اسان جي ملڪ سميت جن ملڪن تي غاصباڻا قبضا ڪيا هئا، اتان جي وسيلن جي ڦرلٽ وارو تاوان اڄ سوڌو مٿس واجب الادا آهي. جڏهن ڳالهه گوڙ کان چڙهي ته همراهه ننڍي کنڊ ۾ برٽش دور جي ظلمن راتاهن ڪاهن ۽ ڦرلٽ جا دستاويزي ثبوت جمع ڪري جامع ڪتاب منظر عام تي آندو. پاڪستان ۾ ٽي سو پنجاهه صفحن تي مشتمل اهو ڪتاب عابد محمود جي ترجمن سان عڪس پبليڪيشنز لاهور وارن ڇاپيو آهي. هن ايسٽ انڊيا ڪمپني جي انگلن ۽ آرن کي به بحث هيٺ آندو آهي ته انگريزن جي دعويٰ کي رد ڏيندي ثابت ڪيو آهي ته سورت مالا بار ڪراچي ۽ بنگال جا بندرگاهه مقامي ماڻهن جي هٿان حرڪت ۾ آيا هئا. صلاحيتن ۾ ڌرتي ڌڻين جي ڀيٽ ۾ بديسي بابو ٽڪو لهن هڪڙو. برطانيا جي پاليسي هٿان هتان جا هزارين ماڻهو بک بيروزگاري ۽ فاقه ڪشي وسيلي هن جھان ڏانهن هليا ويا. اڙدو ۾هن ڪتاب جو نالو “عهدِ ظلمات” رکيو ويو آهي.

ڪنهن زماني ۾ پروفيسر غازي احمد جو ڪتاب “من الظلمات الي النور” ڇپيو هو. عبدالهادي ٿيٻي سنڌي ۾ هن ڪتاب جو عنوان رکيو هو“ اونداهي کان سوجهري ڏانهن”. سو ادي کي چوان اڄ ڪلهه پاڻ ششي ٿرور جو ڪتاب پيا پڙهون، جنهن برٽش دور تي بيباڪاڻي تنقيد ڪئي آهي. ڇا سنڌ ۾ ڪي ششي ٿرور پيد انٿا ٿي سگهن، جيڪي هڪ سو ساله برٽش دور جو منصفاڻو احتساب ڪن! ٻيو ته ٺهيو اڄ سورهيه بادشاهه جي يوم شهادت تي سنڌ جو نوجوان اهو عزم نٿو ورجائي سگهي ته: اسان پنهنجي ڌرتي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ بديسي آقائن کي ڏينھن جا تارا ڏيکاريندڙ، محلن ۽ بنگلن ۾ آرام دهه آسائشي سهولتون ترڪ ڪري گڙنگ بنگلي کي مرڪز بڻائي مکي ٻيلي وارو محاذ گرم ڪري  پير ڳوٺ جي جنهن جلالي حسيني صاحبزادي شهداءِ ڪربلا جي واٽ ورتي هئي، جنهن برطانيا جي بين الاقوامي مخالفن تائين رسائي حاصل ڪري پنهنجي مزاحمتي تحريڪ کي عالم گيريت عنايت ڪئي هئي، جنهن انگريزن جا ڏنل لقب القاب اڇلائي ڦٽا ڪيا هئا. جنهن مدنا پور ته ڇا پر ڪاري پاڻي واري سزا جو به خوف دل ۾ ڪونه ويهاريو هو. جنهن پنهنجي حرن کي هٿياربند جدوجهد جا جديد طور طريقا سيکاريا هئا. جنهن تخته دار کي به کلي کيڪاريو هو. ڇا اهڙا هيرو ورشپ وارا هزارين ٽائيٽل پنهنجي سيني تي سجائي هلندڙ سورهيه بادشاهه جو روح اسان کي جنجھوڙي ناهي رهيو ته اي سنڌ جا سپوتو! اسان جا نقش قدم ڇڏيندؤ ته گيدي گدڙ ٿي ويندوؤ. شينهن جيان زندگي گذاريو ته جيئن سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي!

پير سائين پاڳارا صاحب! توهان تي نالو توهانجي ڏاڏي وارو آهي. اسي سالن جي طويل انتظار کان پوءِ ڪا اهڙي يونيورسٽي سورهيه بادشاهه جي نالي سان قائم نه ٿا ڪري سگهو جيڪا گڙنگ بنگلي واري تاريخ کي گم ٿيڻ نه ڏي!!