خيرپور: ميونسپل ڪاميٽي خيرپور ھميشه جيلاني ھائوس خيرپور جي ھٿ ھيٺ رھي آھي جتي سيد قائم علي شاھ جو ڀائٽيو سيد امجد علي شاھ ميونسپل چيئرمين رھي چڪو آهي پر امجد شاھ جي ڪارڪردگي بھتر نه ھجڻ ۽ ڪارڪنن پاران مخالفت وڌڻ سبب کيس سيد قائم علي شاھ ميونسپل ڪاميٽيءَ جي ذميواريءَ کان پري رکي ڇڏيو ھو ۽ نائب چيئرمين يار محمد ڦلپوٽو کي ميونسپل جو وھنوار ھلائڻ لاءِ آخري 6 مھينا ذميواري ڏئي ڇڏي ھئي.