عمر 18 سال آهي، مڙس سان گڏ وڃڻ چاهيان ٿي، روبينا اڄڻ جو بيان باوجود پوليس حوالي

0
150
عمر 18 سال آهي، مڙس

گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ جي عدالت هڪ مهينو کهڙا واسڻ ناري روبينا اڄڻ پاران نوجوان منير احمد سان پيار جو پرڻو ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي

ناري روبينا اڄڻ جي والد راحب حسين وڪيل جي معرفت ناري جي عمر گهٽ هجڻ خلاف ايڊيشنل شيشن جج جي عدالت ۾ داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ٿي

عدالت پاران ناري روبينا اڄڻ جي عمر 18 سالن کان گهٽ هجڻ تي ناري کي والدين حوالي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو ۽ عدالتي حڪم بعد ناري کهڙا پوليس حوالي ڪيو ويو

روبينا اڄڻ بيان ڏنو ته مان پنهنجي مرضي سان منير سان شادي ڪئي آهي منهنجي عمر 18 سال آهي ۽ مان پنهنجي مڙس سان گڏ وڃڻ چاهيان ٿي، هن چيو ته مون کي منهنجا والدين قتل ڪري ڇڏيندا، عدالت پاران ٻڌايل فيصلي تي نظرثاني ڪري مون کي ميڊيڪل سرٽيفڪٽ اچڻ تائين دارلامان اماڻيو وڃي